??سل??م آباد- 24 ڊسمبر (اي پي پي) اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي شق 137 تحت سمورن پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن لاءِ لازم آهي ته اهي پنهنجا، سندن ڪٽنبن جي اثاثن ۽ رهتن جا مالي گوشوارا سال 24-2023ع جا تجويز ڪيل فارم بي مقر?? ڪيل تاريخ کان پهرين يا31 ڊسمبر 2024ع تائين اليڪشن ??ميشن وٽ جمع ڪرائين. اليڪشن ??ميشن مطابق سيڪشن 137 تحت اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا فراهم ڪرڻ لازمي آهن، هر اسيمبلي ميمبر 30 جو?? تائين پنهنجا ۽ سندن ڪفالت هيٺ فيملي ميمبرن جا اثاثا ۽ بقايائن جا گوشوارا تجويز ڪيل فارم بي هر سال 31 ڊسمبر کان پهرين يا 31 ڊسمبر تائين اليڪشن ??ميشن وٽ جمع ڪرائي. سيڪشن 137 جي ذيلي شق (2) تحت هر سال پهرين جنوريءَ جي مقرر تاريخ تائين گهربل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جا نالا هڪ پريس رليز ۾ شايع ڪيا ويندا. 16 جنوريءَ تي هڪ حڪم تحت ڪميشن 15 جنوريءَ تائين ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن رڪنيت معطل ڪئي ويندي ۽ ڄاڻايل گوشوارا جمع نه ڪرائڻ تائين اهي پارليامينٽ ۽ اسيمبلي جي ڪنهن به ڪارروائيءَ ۾ حصو نه وٺي سگهندا. ان حوالي سان تيا?? ڪيل هدايت نامو/رهنمائي سان مقرر فارم بي اليڪشن ??ميشن سيڪريٽريٽ ??سل??م آباد، لاڳاپيل صوبائي اليڪشن ??مشنر جي آفيس، سينيٽ سيڪريٽريٽ، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيڪريٽريٽ مان مفت حاصل ڪري سگهجن ٿا. ان کان علاوه اليڪشن ??ميشن جي ويب سائٽ تان به ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا.
پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جي اثاثن ۽ بقايائن جا گوشوارا جمع ڪرائڻ جي حتمي تاريخ 31 ڊسمبر آهي: اليڪشن ڪميشن
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام