اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيح?? برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان قربانين جا لازوال داستان لکيا آهن. ڪرسمس جي موقعي تي منعقد خصوصي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير مسيحي ڀائرن کي ڪرسمس جي خوشين جي مبارڪباد ڏيندي چيو ته جنهن تڪ مان آئون اليڪشن وڙهيس اتي 70 هزار مسيحي ڀينرن ڀائرن جي نمائندگي ڪريان ٿو، چونڊ مهم دوران پنهنجي تڪ جي مسيح?? برادري کان بي پناهه پيار ۽ مح??ت ملي. هن چيو ته مسيح?? برادري وزيراعظم جي ترقي جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهي آهي، اهڙي طرح مسيح?? برادري تحريڪ پاڪستان ۾ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته مسيح?? برادري اس??ن جي قومي جهنڊي جي اندر اڇي رنگ جي لاج قربانين ۽ اڻٿڪ خدمتن جي شڪل ۾ رکي، اس??ن جي انهي قومي جهنڊي ۾ هارون وليم جو جسد خاڪي پڻ ويڙهيو ويو، اهي قربانين لازوال آهن، انهن قربانين جا داست??ن جيڪي مسيح?? برادري پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين لکيا آهن خراج تحسين جي لائق آهن. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف کي خصوصي طور تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هن بطور پنجاب جي وڏي وزير پڻ مسيح?? برادري جي ل??ءِ ايدمنسٽريٽو ۽ گورننس جا قدم کنيا، ميرٽ تي هوشيار شاگردن کي 5 سيڪڙو نوڪرين جي ڪوٽا ڏني، مسيحي شاگردن کي به ميرٽ تي ليپ ٽاپ ۽ اسڪالرشپس ڏنيون، اس??ن جي نوجوان نسل کي ان قابل ڪيو ته اهي بطور ذميوار شهري پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. عطاءُ الله تارڙ چيو ته 2022ع ۾ اقليتن جي تحفظ جي ل??ءِ ٽاسڪ فورس ٺاهي وئي هئي جنهن تي تمام گهڻي تيزي سان ڪم اڳتي وڌيو ۽ اڄ به جاري آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته بين المذاهب هم آهنگي جي حوالي سان پاڪستان حڪومت محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ جيڪي قدم کنيا انهن کي وڌيڪ فعال ڪريون ۽ انهن کي اڳتي کڻي وڌون ته جيئن هر پاڪستاني ملڪي ترقي ۾ پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري سگهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مسيح?? برادري راندين جي شعبي ۾ پڻ نمايان مقام حاصل ڪيو، ٽن مسيحي ڀينرن سهيل سسٽرز پاڪست??ن جي نمائندگي ڪندي 22 ميڊلز کٽيا، اها تمام گهڻي خوشي جي ڳالهه آهي، وزيراعظم انهن کي خصوصي طور تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. هن چيو ته برگيڊيئر هيلن ميري رابرٽس پهرين عورت آهي جيڪا پاڪستان آرمي ۾ برگيڊيئر جي رينڪ تي پروموٽ ٿي، اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيح?? برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته دعا آهي ته اسان سڀ گڏجي پاڪست??ن جي ترقي جي ل??ءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون.
بين المذاهب هم آهنگي جي قدمن کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جي ضرورت آهي، سمورن پيشيواراڻي معاملن ۾ مسيحي برادري پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ان قربانين جا لازوال داستان لکيا آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری