اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير ابراهيم روماني ملاقات ڪئي. هتي جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن، اسٽارٽ اپس، سائب?? سيڪيورٽيءَ جي ميدان ۾ ناتن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهائيندي مملڪتي وزير چيو ته پاڪستان الجيريا سان ناتن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان، الجيريا جي آءِ ٽي، ٽيليڪا?? سيڪٽر ۾ ناتا تمام اهم آهن، الجريا، پاڪستان جي ٽيڪ جي ميدان ۾ تجربن مان فائدو کڻي سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته پاڪستان، الجيريا وچ ۾ اسٽوڊنٽس، اسٽارٽ اپس، انٽر پرينيوئر جي مٽاسٽا ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي. پاڪستان، الجيريا جي نوجوانن لاءِ آءِ ٽي ٽريننگ پروگرامز جو بندوبست ڪري سگهي ٿو. شزه فاطمه چيو ته آءِ ٽي ۽ ٽيليڪام جي حوالي سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ج??ائ??ٽ ورڪنگ گروپ جو هئڻ تمام ضروري آهي. چاهيون ٿا ته پاڪستان، الجيريا جي ٽيڪ ڪمپنين، اسٽارٽ اپس جو گڏيل سيمينار جلد منعقد ٿئي. الجيريا جي سفير چيو ته سندس ملڪ پاڪستان سان آءِ ٽي ۽ ٽيليڪا?? سيڪٽر ۾ ناتن ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۽ ٽيليڪا?? سيڪٽر ۾ ترقي تعريف جوڳي آهي.
مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه سان پاڪستان ۾ الجيريا جي سفير جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میان میجک وائلڈ فائر