??سل??م آباد- 13 نومبر (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته گلگت بلتستان ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ ڪجهه هنڌن تي برسات ۽ جبلن تي برفباري ??و امڪان آهي. خيبر پختونخوا جي ميداني علائقن ۽ پنجاب ??ي اڪثر علائقن ۾ سموگ/ ڪوهيڙو ڇانئيل رهڻ ۽ سخت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي مطابق اڄ خميس ڏينهن گلگت بلتستان، ڪشمير ۽ مٿانهين خيبر پختونخوا ۾ جهڙالي رهڻ کانسواءِ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ۽ جبلن تي برفباري ??و امڪان آهي جڏهن ته ام/ رات ۾ خيبر پختونخوا جي هيٺائين وارن ۽ پنجاب ??ي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ڪجهه هنڌن تي برسات ٿي سگهي ??ي. پنجاب ??ي اڪثر علائقن ۾ سموگ ڇائنيل رهڻ جڏهن ته صبح ۽ رات جي وقت ۾ سخت ڪوهيڙو پوڻ جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ جڏهن ته جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهي. پنجاب ??ا اڪثر علائقا سموگ/ ڪوهيڙي هيٺ رهيا. اربع ڏينهن رڪارڊ ڪيل گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد ليه ڪاٽو 04، اسڪردو ۽ قلات ۾ ٻڙي ڊگري ??ينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.
ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم خشڪ، جابلو علائقن ۾ ٿڌ رهڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت