اسلام آباد – 04 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته والدين جي سڃاڻپ کا?? محروم ٻ??رن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو، اهڙن ٻ??رن جي لاءِ شرط آهي ته انهن جو تعلق اهڙي يتيم خاني يا چائلڊ پروٽيڪشن يونٽ سان هجي جيڪو نادرا سان رجسٽرڊ هجي. هو سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي قرارداد تي ڳالهائيندي رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والدين کا??سواءِ ٻ??رن جو جڏهن آءِ ڊي ڪارڊ ٺهي ٿو ته ولديت جي جڳهه رينڊملي نالو وڌو وڃي ٿو. هن چيو ته جيڪڏهن والدين کا??سواءِ آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪنداسين ته انهن سان امتيازي سلوڪ ٿيندو ۽ معاشري ۾ انهن جي لاءِ مشڪلاتون ٿينديون. هن چيو ته ان معاملي کي ڪميٽي ڏانهن موڪلڻ ??دران نادرا چيئرمين سان ميٽنگ ڪري وٺون. هن ٻڌايو ته موجوده پاليسي تحت 280 ٻارن کي اڳ ۾ ئي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي، ان کي وڌيڪ بهتر ڪري سگهجي ٿو، جيڪڏهن مجهول النسب لکيو ويو يا بنا والدين جي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪيا ويا ته انهن ٻ??رن جي لاءِ معاشري ۾ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. هن چيو ته يتيم خانن ۽ چائلڊ پروٽيڪشن يونٽس کي نادرا سان رجسٽرڊ هجڻ ضروري آهي ۽ اهڙن ٻ??رن جي سڃاڻپ جي لاءِ نادرا ۾ موثر نظام آڻڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اهڙن ٻ??رن جي رجسٽريشن ممڪن ٿي سگهي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت ان حوالي سان آگاهي مهم هلائڻ جي لاءِ تيار آهي. وفاقي وزير چيو ته اهو ڪم پاڪستان جي ليجنڊ مرحوم عبدالستار ايڌي شروع ڪيو هو ۽ ان کي سپريم ڪورٽ جو تحفظ پڻ حاصل آهي، جيڪڏهن سينيٽ جي پروٽيڪشن حاصل ٿي ويندي ته اهو وڌيڪ بهتر ٿي ويندو. هن چيو ته اهو ڏسڻو پوندو ته اهو نظام ڪيئن ٺهي سگهي ٿو جنهن ۾ ٻ??رن جو نقصان نه ٿئي ۽ اسان وڌ کا?? وڌ ٻارن کي ان طريقي سان رجسٽرڊ ڪري انهن کي آءِ ڊي ڪارڊ جاري ڪري سگهون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثمينه ممتاز زهري جي سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن جا والدين نه آهن ته نادرا ڊيٽابيس جي اندر رينڊملي ڪو به نالو ولديت ۾ لکيو وڃي ٿو ۽ ڊيٽابيس مان خبر پئجي وڃي ٿي ته هي ٻار اهو آهي جنهن جي ولديت نه آهي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته اسان جي ايوان جا اهڙا ميمبر به آهن جن اهڙا ٻار پاليا آهن ۽ انهن کي پنهنجي ٻارن کا?? وڌي ڪري پاليو آهي، زمين ڏني آهي، وراثت ۾ حق ڏنو آهي ۽ اهڙي طرح پاليو آهي جهڙي طرح پنهنجي ٻارن کي پالين ٿا، اهو مثال اسان جي سامهون موجود آهي.
والدين جي سڃاڻپ کان محروم ٻارن جي حوالي سان نادرا ۾ پاليسي موجود آهي، ان پاليسي تحت انهن ٻارن کي رجسٽرڊ ڪيو وڃي ٿو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا