اسلام آباد- 21 آڪٽوبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زيبا اي ستار ??ومر ڏينهن بي آءِ ايس پي هيڊ ڪوارٽر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران بي آءِ ايس پي ۽ پاپوليشن ڪائونسل جي گڏيل سهڪار ??ان بينظير نشو و نما پروگرام ذريعي عورتن جي صحت، ٻا??ن جي پيدائش ۾ مناسب وقفي ۽ تازن ڄاول ٻا??ن جي بهتر واڌ ويجهه جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائندي سينيٽر روبينه خالد چيو ته بي آءِ ايس پي ٻا??ن جي غذائي کوٽ تي ضابطو آڻڻ لاءِ بينظير نشو و نما پروگرام تحت ڳورهارين عورتن، کير پياريندڙ مائرن ۽ ان جي 2 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي غذائيت سان ڀرپور خور??ڪ ۽ مشروط مالي معاونت فراهم ڪري رهيو آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته صحت مند ٻا??ن جي پيدائش کي يقيني بنائڻ لاءِ مائ??ن جو صحتمند هجڻ تمام ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن طرفان عورتن جي توليدي صحت، ٻا??ن جي پيدائڻ ۾ مناسب وقفي ۽ نون ڄاول ٻا??ن جي سار ??نڀال کي بهتر بنائڻ بابت قدمن لاءِ صوبائي سطح تي صحت کاتي جي اعليٰ اختيارين سان مشاورت جي اهميت تي زور ڀريو.
بي آءِ ايس پي چيئرپرسن روبينه خالد سان پاپوليشن ڪائونسل جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کنگ کانگ روش