اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته روس ??ان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي، پاڪستان روس ??ان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ??ان روسي فيڊريشن جي نائب وزيراعظم اليڪسي اوورچڪ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نائب وزيراعظم اوورچڪ ۽ سندس وفد جي وزيراعظم هائوس ا??ڻ تي آجيان ڪئي. روسي نائب وزيراعظم ??ان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته روس ??ان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان روس ??ان واپاري، اقتصادي، توانائي، مواصلات ۽ سيڪيورٽي تعاون کي سگهه ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو ايندڙ مهيني اسلام آباد ۾ روسي وزيراعظم مشسٽن جي استقبال جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته هن سال جولاءِ جي شروع ۾ سندس صدر ولادمير پيوٽن ??ان انتهائي لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي. هن ٻطرفي تعاون ۾ وڌيڪ توسيع تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ اعليٰ سطحي وفد موڪلڻ تي صدر پيوٽن جا ٿورا مڃيا. روسي نائب وزيراعظم اوورچڪ شاندار استقبال تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ روس جي پاڪستان ??ان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاء?? ڪيو. هن پاڪستان ۽ روس جي لاڳاپن کي تعميري ۽ گڏيل طور تي ف??ئديمند قرار ڏنو. ٻنهي ڌريون باقاعده رابطو برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم ۽ روسي نائب وزيراعظم روس ۽ پاڪستان جي وچ م مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي. ان مفاهمتي يادداشتن تحت گڏيل مفاد جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، توانائي، آءِ ٽي، زراعت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۽ تعليم ۾ تعاون کي ف??وغ ملندو.
روس سان مضبوط لاڳاپا پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم ترجيحن مان آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد