اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪوٽ ڊي واغ سان اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ڪوٽ ڊي واغ کي پاڪستاني چانور، طبي ۽ جراحي اوزارن، دوائن ۽ راندين جي سامان جي برآمدات وڌائڻ جا تمام وڌيڪ امڪان موجود آهن. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب صدر ڪوٽ ڊي واغ (آئيوري ڪوسٽ) لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود سان ملاقات دوران ڳالهائي رهيو هو. صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان جا ڪوٽ ڊي واغ سان خوشگوار لاڳاپا آهن، نامزد سفير آئيوري ڪوسٽ سان واپا??ي ۽ اقتصادي لاڳاپا اڳ??ي وڌائڻ جا موقعا ڳولي. صدر ٻنهي م??ڪن جي وچ ۾ دوستي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته نامزد سفير ڪوٽ ڊي واغ سان عوامي رابطن کي فروغ ڏيڻ جا امڪان پڻ ڳولي، هو ڪوٽ ڊي واغ سان ٻطرفو تعاون وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري. صدر آصف علي زرداري محمود اختر محمود کي ڪوٽ ڊي واغ ۾ بطور پاڪستاني سفير مقرري تي مبارڪباد پڻ ڏني.
صدر آصف علي زرداري سان ڪوٽ ڊي واغ، آئيوري ڪوسٽ لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير محمود اختر محمود جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین