اسلام آباد-12 فيبروري (اي پي پي) گه??و معاملن ۽ واپار بابت نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته 40 سال اڳ سعودي عرب جي حڪومت پاڪستانين کي شاه?? فيصل مسجد جو تحفو ڏنو، هاڻ ان مسجد کي وڌيڪ خوبصورت بنائڻ لاءِ ان جي رنگ روغن ٿي رهيو آهي. پاڪستا?? ۾ ??عودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪي سان گڏ شاه?? فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. گه??و معاملن وارو سيڪريٽري آفتاب اڪبر دراني، ضلعي انتظاميه ۽ سي ڊي اي جا عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. گهرو وزير سعودي سفير سان گڏ ظهر ج?? نماز ادا ڪئي، جنهن کان پوءِ هنن شاه?? فيصل مسجد جي مرڪزي هال ۽ وڏي اڱڻ ۾ مختلف هنڌن جو معائنو ڪيو. صحافين ڳالهائيندي نگران وفاقي وزير چيو ته جڏهن مون گهرو وزارت جو منصب سنڀاليو ته پهرئين جمعي جي نماز شاه?? فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. سعودي سفير ج?? شڪرگذار آهيان جنهن ذاتي دلچسپي وٺندي شاه?? فيصل مسجد جي رنگ روغن شروع ڪرايو، هن چيو ته شاه?? فيصل مسجد جو شمار پاڪستان جي خوبصورت ترين مسجدن ۾ ٿئي ٿو. ان موقعي تي سعودي سفير چيو ته سعودي حڪومت طرفان شاه?? فيصل مسجد پاڪستانين لاءِ هڪ تحفو آهي. هاڻ ان مسجد ۾ رنگ روغن شروع ڪيو ويو آهي. گهرو وزير سميت ٻين اسٽيڪ هولڊرز شاه?? فيصل مسجد جي رنگ روغ?? ۾ ??عاون ڪري رهيا آهن، اهو ڪم جلد مڪمل ٿي ويندو.
شاهه فيصل مسجد جي رنگ روغن ٿي رهي آهي: نگران گهرو وزير جي سعودي سفير سان گڏ فيصل مسجد جي دؤري جي موقعي تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے