اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اس??مب??ي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اس??مب??ي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي اس??مب??ي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفا??ي وزير چيو ته چونڊن جي حوالي ??ان شڪايتن جي ازالي ??ي لاءِ قانوني فورمز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چيو ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانوني فورمز سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن نگران وفا??ي وزير چيو ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي يقين آهي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ نگران وفا??ي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت کانسواءِ پارلياماني معاملن واري وزارت جي ذميواري پڻ مون تي آهي، قومي اس??مب??ي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چيو ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگران وفا??ي وزير چيو ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اس??مب??ي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي اس??مب??ي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چيو ته آئين تحت قومي اس??مب??ي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.
قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری