اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي)قومي صحت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر ند??م جان چيو آهي ته پاڪس??ان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، اسان دنيا کي ثابت ڪري رهيا آهيون ته پاڪس??ان ليڊ ڪري سگهي ٿو، سمٽ سان غريب ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ جامع مڪينزم جوڙيو ويندو، پاڪس??ان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي رهيو آهي، پاڪس??ان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر ند??م جان چيو ته پاڪس??ان تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪري رهيو آهي جنهن ۾ 70 کان وڌيڪ ملڪن جا نمائندا شرڪت ڪري رهيا آهن، نگران وزيراعظم 10 جنوري تي سمٽ جو باقاعده آغاز ڪندو. عالمي ڪانفرنس ۾ سڄي دنيا جي صحت جي شعبي جا ماهر شرڪت ڪندا. سڄي دنيا مان صحت وارا وزير، ڊونرز ۽ سفارتڪارن جي شرڪت اعزاز جي ڳال??ه آهي. هن چيو ته اسان دنيا کي ثابت ڪري رهيا آهيون ته پاڪس??ان ليڊ ڪري سگهي ٿو، گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪرڻ جي ذريعي دنيا جي مفاد جو بنياد رکي رهيا آهيون، صحت جي شعبي کي اجاگر ڪرڻ لاءِ گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد ڪئي پئي وڃي، سمٽ جو بنيادي مقصد وبائن ۽ قدرتي آفتن کان صحت کي محفوظ بڻائڻ آهي، دنيا ۾ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ متفقه لائحه عمل طئي ڪيو ويندو. ڊاڪٽر ند??م جان چيو ته ڪانفرنس ۾ ويڪسين ۽ امداد جي برابر ورهاست لاءِ حڪمت عملي جوڙي ويندي، سمٽ ۾ صحت کي درپيش خطرن ۽ محفوظ دنيا لاءِ پلان جوڙيو ويندو، گلوبل هيلٿ سمٽ پاڪس??ان جي صحت جي شعبي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، پاڪس??ان صحت جي شعبي ۾ عالمي معيار طرف وڌي رهيو آهي، هن چيو ته ڪنهن وبا جي صورت ۾ پاڪس??ان جو ڳاڻيٽو خطرناڪ ملڪن ۾ نه ڪيو ويندو، عالمي ڪانفرنس منعقد ڪرڻ سان پاڪس??ان جو آواز دنيا ۾ ٻڌو ويندو. هن چيو ته انشاءُ الله اسان جي منزل سبز پاسپورٽ جي عزت بحال ڪرائڻ آهي، ڪنهن به وبا يا بيماري کي روڪڻ لاءِ ويڪسين سڀني کان اهم ضرورت هوندي آهي. ڪورونا جي علامي وبا جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾ صحت جو نظام شديد متاثر ٿيو، مالي ۽ جاني نقصان ٿيو ڇاڪاڻ ته وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه هئي. هن چيو ته ان تجربي کي نظر ۾ رکندي سڄي دنيا سان گڏجي جامع حڪمت عملي ۽ منصوبابندي تحت سڄي دنيا جي صحت جي نظام کي مضبوط ڪرڻ چاهيون ٿا. غريب ملڪ جيڪي وبا کي منهن ڏيڻ جي سگهه نٿا رکن، امير ملڪن جو ان ۾ ڪهڙو ڪردار هوندو، ان تي بحث ٿيندو ۽ هڪ لائحه عمل جوڙيو ويندو. پاڪس??ان کي صحت جي نظام جي مضبوطي لاءِ ڊونرز جي پويان ڀڄڻو نه پوندو، سمٽ سان انٽرنيشنل ڊونرز جو پاڪس??ان تي اعتماد وڌندو، پاڪستني قوم ۾ وڏي صلاحيت آهي، هڪ سياسي پختي عزم ۽ ليڊرشپ جي ضرورت آهي، هن چيو ته محدود وسيلن باوجود پاڪس??ان ڪورونا جي وبا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪ??و ۽ بهترين جامع حڪمت عملي سبب شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون جنهن تي دنيا به اسان جي ڪاميابين کي مڃي ٿي.
پاڪستان پهريون ملڪ آهي جيڪو گلوبل هيلٿ سيڪيورٽي سمٽ منعقد پيو ڪري، پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو صحت جي نظام کي مضبوط رکڻ جو بنياد رکي ڇڏيو آهي:نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔