ابوظهبي – 28 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پختي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن (بي ايم جي ايف) جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ٽيليفون ڪئي جنهن ۾ پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ جاري ڪوششن ۾ اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. نگران ??زي??اعظم ??ن وقت گڏيل ع??ب امارات جي سرڪاري دوري تي آهي. ٽيليفون ڪال دوران نگران ??زي??اعظم ۽ بل گيٽس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ٿيل پنهنجي ملاقات جو ذڪر ڪيو. نگران ??زي??اعظم ??اڪستان کي پوليو کان محفوظ ملڪ بڻائڻ جي حڪومت جي ڪوششن ۾ گيٽس فائونڊيشن جي تعاون کي ساراهيو. هن ملڪ کي پوليو وائرس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ نگران ??زي??اعظم بل گيٽس کي سڄي پاڪستان ۾ جاري پوليو ويڪسينيشن مهم بابت آگاهه ڪيو. وڌيڪ اهو ته غذائي کوٽ جي مسئلن ۽ ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي موضوعن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. نگران ??زي??اعظم حڪومت ۽ بي ايم جي ايف جي وچ ۾ بهترين تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگران ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان ڪوشش ۾ بي ايم جي ايف جهڙا اعتماد جوڳا حصيدار مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.
حڪومت هڪ صحتمند ۽ محفوظ پاڪستان جي لاءِ پرعزم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں