اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) پرنسپل انفارميشن آفيسر (پي آءِ او) ڊاڪٽر طارق محمود خان چيو آهي ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. جاري ڪيل پڌرائي موجب اها ڳالهه هن منظو?? سلهري جي قيادت ۾ ربجا (جاويد گروپ) سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. وفد ڊاڪٽر طارق محمود خان کي پي آءِ او جو عهدو سنڀا??ڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ کيس اخبارن کي درپيش اگهه، ادائيگين جي انفراسٽرڪچر ۽ بلنگ جي مسئلن کان آگاهه ڪي??. ا?? موقعي تي پرنسپل انفارميشن آفيسر وفد کي يقين ڏياريو ته اخبارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا. هن وڌيڪ چيو ته موجوده درپيش ملڪي معاشي چئلينجز جي باوجود اخبارن جون رهتون ڪليئر ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهيون ج??هن ته اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي. وفد ۾ حافظ محمد طاهر، عبدالعزيز بٽ، ملڪ زمرد اعواڻ، ذيشان قيوم، ذوالفقار علي ۽ طارق خان شامل هئا.
اشتهارن جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو پيو وڃي: پي آءِ او ڊاڪٽر طارق محمود خان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی