گڏيل قومون – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪ??تا?? عالمي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪ??ي. ??اڪ??تا?? جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته والاريل علائقن ۾ لکين فلسطيني فوجي گهيراءُ ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور آهن. ان اجلاس جي سربراهي سعودي عرب، عرب ليگ، مصر ۽ اردن گڏيل طور ڪئ??. ه?? پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ڪي به بامعنيٰ ۽ قابل عمل ڳالهيون فلسطيني عوام جي زندگين ۾ بهتري آڻي سگهن ٿيون. پاڪ??تا?? هڪ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته اها بدقسمتي آهي ته فلسطين ۾ اسرائيل جي جارحيت، فضائي حملا، بستين جي توسيع، فلسطينين جي بي دخلي ۽ بيت المقدس جي پائمالي جاري ??هي. ڊگهي واري مدي واري پائيدار سياسي عمل ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ والاريل فلسطيني علائقي ۾ اسرائيل پاران آبادڪاري جا قدم آهن جيڪا عالمي قانون جي خلاف ورزي ??هي. جليل عباس جيلاني وڌيڪ چيو ته اسرائيل جا اهي قدم ڳالهين جي لاءِ سازگار ماحول کي خراب ڪري رهيا آهن. هن واضح ڪيو ته پاڪ??تا?? جو ويزن وچ اوڀر جي سمورن ماڻهن جي لاءِ مذهب، نسل ۽ قوميت کان قطعي نظر پائيدار امن ??هي.
عالمي برادري اسرائيل فلسطين تڪرار کي بامقصد ڳالهين واري عمل جي ذريعي حل ڪري: نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا