اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته نئين پي ٽي وي اڪيڊمي اط??اع??ت واري وزارت جي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي، ميڊيا، براڊ ڪاسٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽريننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ ع??لم?? معيار جي س??نٽر آف ايڪسي لينس جي شروعات ڪرڻ منهنجي مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو، نئين ٺوس اڪيڊمي سڄي پاڪستان خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ پهچ جوڳي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چيو ته پهرين فلم پاليسي جي حصي طور 13 مئي تي هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات ۽ انفارميشن سروس اڪيڊمي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيڊميز جي انضمام جو اعلان ڪيو هو جيڪو اط??اع??ت واري وزارت جي تاريخ جو هڪ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته نئين ٺوس اڪيڊمي جو ٽيزر شيئر ڪندي مون کي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته آءِ ايس اي، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان اڪيدميز جو انضمام ۽ ميڊيا، براڊ ڪاسٽنگ، فلمز، اداڪاري، ٽرننگ ۽ صلاحيت سازي جي لاءِ ع??لم?? معيار جي س??نٽر آف ايڪسي لينس جي شروعات ڪرڻ منهنجي مقصد جي عڪاسي ڪري ٿو جيڪو سڄي پاڪستان خاص طور تي نوجوانن جي لاءِ پهچ جوڳو آهي، اهو قدم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. هن چيو ته پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستا?? ۾ ??يڊيا اوزارن ۽ سهولتن جو استعمال ڪندي اڪيڊمي جي مطالعاتي پروگرامن سان گڏ عمل?? تربيت کي پڻ شامل ڪيو ويو، نئين ٺوس اڪيڊمي نه رڳو اط??اع??ت واري وزارت، پي ٽي وي ۽ ريڊيو پاڪستان جي نئين ۽ موجوده ملازمن جي لاءِ اوپن رهندي پر سڄي پاڪستان جا شاگرد ۽ نوجوان اڪيڊمي جي س??ر اسڪول سميت ڪورسز ۾ داخلا وٺي سگهندا. اط??اع??ت واري وفاقي وزير اط??اع??ت واري وزارت، پي ٽي وي اڪيڊمي، ريديو پاڪستان جي ٽيمن ۽ ايم ڊي پي ٽي وي کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن پي ٽي وي فلم انسٽيٽيوٽ جي شروعات جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي. هن پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ونيزه احمد کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو جنهن مختصر وقت ۾ ان انضمام کي عملي جامعو پارائڻ سان گڏوگڏ مطالعاتي پروگرام شروع ڪيو.
نئين پي ٽي وي اڪيڊمي اطلاعات واري وزارت جي تاريخ جو اهم سنگ ميل آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپ کی تجزیات