پشاور- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) توانائي واري ??فا??ي وزير خرم دستگير خان چيو آهي ته ٻوڏ مت??ثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. پيسڪو عملدارن سان ڪي پي ڪي ۾ ٻوڏ مت??ثر بجل?? جي نظام جي بحاليءَ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي ٻوڏ سبب بجلي انفراسٽرڪچر کي پهتل نقصان جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ هتي دؤرو ڪري رهيو آهيان. اجلاس ۾ پيسڪو چيف محمد جباز خان، چيف ايگزيڪيوٽو، پيسڪو عملدارن کانسواءِ لوئر دير ضلعي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر به موجود هئا. پيسڪو عملدارن ??فا??ي وزير کي ٻُڌايو ته پشاور سرڪل ۾ 4 فيڊرز مت??ثر ٿيا، جنهن جي بحاليءَ جو ڪم جار?? آهي، جڏهن ته ترناب، ابزئي ۽ـ گل بيله 2-1 مڪمل طور تي فعال آهي، پيسڪو عملدارن ٻُڌايو ته صوبي ۾ سوات سرڪل سڀ کان وڌيڪ مت??ثر ٿيو جتي 3 گرڊ اسٽيشن مدين، مٽه ۽ منڊا کي ڪافي نقصان پهتو آهي جنهن سان بجل?? جي رسد بند آهي. پيسڪو عملدار مطابق انهن گرڊز جي بحاليءَ جو ڪم جار?? آهي ۽ 12 سيپٽمب تائين مڪمل ڪيو ويندو. پيسڪو عملدارن ??فا??ي وزير کي بريفنگ ڏيندي ٻُڌايو ته نوشهره ۽ـ چارسده ضلعي ۾ مت??ثر فيڊرز ۽ ٽرانسميشن لائنز جي بحاليءَ جو ڪم تيزيءَ سان جار?? آهي. ??فا??ي وزير پيسڪو عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيو ته صوبي ۾ بجل?? جي نظام جي بحاليءَ کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ وزارت طرفان بحالي آپريشن جي نگرانيءَ لاءِ جوائنٽ سيڪريٽري عالم زيب کي مقرر ڪيو ويو آهي.
ٻوڏ متاثر علائقن ۾ بجلي بحالي ۽ـ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: خرم دستگير خان
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری