اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان چيو آهي ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان ??دترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، اڄ سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. انهن خيالن جو اظهار هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهر پيپلز پارٽي اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. شيري رحمان چيو ته اسان نٿا چاهيون هڪ تڪراري اليڪشن ٻيهر ٿئي، چاهيون ٿا ليول پليئنگ فيلڊ هجي، اسان ??ار بار واضح ڪيو آهي ته چونڊ سڌارا هجڻ گهرجن، اسانکي اهو قابل قبول نه ٿيندو ته سڌارن کانسواءِ ايندڙ چونڊن لاءِ وڃون، گڏجي ويهي چونڊ سڌارا ڪريون، چونڊ قانونن ۾ ترميم ??ري اسان ??ڳتي وڌنداسين. هن چيو ته پنجاب اسيمبلي ۾ پڻ اربع تي کلواڙ ڪيو ويو، آئيني حقن کي سلب نه ڪيو وڃي، ان ??واج کي هٿي نه ڏنو وڃي. شيري رحمان چيو ته آئين معطل ٿيو ۽ اسيمبليون ٽوڙيون ويون، ڪجهه منٽن ۾ اهڙو فيصلو ٿيو ته پاڪستان ??دترين ٻه واٽي تي اچي ويو آهي، پنجن ڏينهن کان ??ڄو ملڪ معطل آهي، پاڪستان ??ي آئين کي انصاف گهرجي، اهو عوام جو ڪي?? آهي، سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو. هن چيو ته ڇا اسانجا سمورا ايم اين ايز غدار آهن ان ??والي سان ??سانکي ٻڌايو وڃي، ثبوت کڻي اچو اسان پڻ ڏسنداسين ته ڪي?? غدار آهي، تحريڪ انصاف اڳ ۾ ئي حق ۽ انصاف جو دامن ڇڏي ڏنو هو. ان موقعي تي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پنجون ڏينهن آهي اسانجو ملڪ آئين کانسواءِ هلي رهيو آهي، اسان ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ خلاف پاڻ مرادو نوٽس جي ٻڌڻي ڪندڙ بينچ کي قبول ڪيو آهي، اسانجي ڪوشش هئي ته فل ڪورٽ بينچ بڻائي وڃي. هن چيو ته 176 پارليمينٽيرين تي غداري جو الزام لڳايو ويو آهي، ٻڌايو وڃي ته غدار ڪي?? آهي
سڄي ملڪ جون نظرون سپريم ڪورٽ تي آهن، اميد آهي ته نظريه ضرورت کي هميشا لاءِ دفن ڪيو ويندو: شيري رحمان
مضمون کا ماخذ : پھل اور سات