اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ٽي اسٽوجز پاڪستان جي خلاف سازش ۾ مليل آهن جيڪي پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا، قومي سلامتي جي پڌرنامي ان سازش جو اعتراف ڪيو آهي، وزيراعظم بڻجڻ جو خواب ڏسندڙن کي ناڪامي ٿيندي، نواز شريف کي علاج جي ??اء?? ٻاهر موڪلڻ منهنجي اڪيلي جو فيصلو نه هو جڏهن ته ان ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو، ملڪ کي 35 سال ڦريندڙ ۽ لائيف سپورٽ مشين تي وجهندڙ ٻيهر اقتدار جو خواب ڏسي رهيا آهن، جن جو پئسو ملڪ کان ٻاهر آهي اه?? ڪڏهن ملڪ کي آزاد ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو دوران ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته پنجاب کي شريفن جي هٿن ۾ ڏيڻ کان بهتر آهي ته پرويز الاهي وڏو وزير بڻجي وڃي، منهنجي پنهنج?? ڪارڪنن کي هدايت آهي ته ڪا به ٽوڙ ڦوڙ نه ڪن ۽ پرامن رهن. هن چيو ته فوج کي وچ ۾ ڌڪيلڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي منهنجو انهن سڀني کي چوڻ آهي ته فوج نيوٽرل آهي، ان کي وچ ۾ نه ڌڪيو وڃي. هن چيو ته نواز شريف کي علاج جي ??اء?? ٻاهر موڪلڻ جو فيصلو هڪ تمام وڏي غلطي هئي، ان معاملي ۾ تمام وڏو دوکو ٿيو. هن چيو ته اڳوڻن حڪمرانن عدليه جي ججن کي بليڪ ميل ڪيو ۽ هاڻي به اهڙي طرح جا حربا تيار ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن، قوم انهن جي ڪردار کي ڄاڻي چڪي ??هي. هن چيو ته ڪنهن خودمختار ملڪ کي ڪنهن ٻئي ملڪ پاران ڌمڪي ملڻ هڪ ذلت هئي جنهن جي پٺيان لنڊن ۾ ويٺل مافيا ??هي. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ کان ڪو خطرو نه آهي هارائيندو اه?? آهي جنهن سان گڏ عوام نه هجي، عوام مون سان گڏ ڄمي بيٺل ??هي. هن چيو ته جيڪي ملڪ روس کان تيل خريد ڪندا رهيا ۽ هاڻي به خريد ڪري رهيا آهن اه?? اسان کي مشورو ڏئي رهيا آهن ته وزيراعظم کي روس نه وڃڻ گهرجي ها ۽ مخالف ڌر به انهن جي ئي زبان ڳالهائي رهي ??هي. وزيراعظم عمران خان چيو ته دوستي سڀني سان ٿي سگهي ٿي پر ڪنهن جي غلامتي نه ٿي ڪري سگهجي. هن چيو ته آئون سمجهان ٿو ته ملڪي سلامتي جي خلاف ٿيندڙ ان سازش جي جاچ ٿيڻ گهرجي جنهن جي ??اء?? اسان قانوني مشاورت شروع ڪري ڇڏي ??هي. وزيراعظم چيو ته فالودي ۽ پاپڙي واري ۽ چپڙاسين جي نالي تي جعلي اڪائونٽ ٺاهيندڙن ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙن کي ملڪي مفاد ج?? ڪا پرواهه نه ??هي. هن چيو ته (ن) ليگ خانداني سياست ڪري رهي آهي، حمزه شهباز کانسواءِ وڏي وزير جي عهدي جي ??اء?? ڪو اه?? نه ??هي. هن چيو ته چئلينج ڪريان ٿو ته (ن) ليگ پنجاب ۾ ضمني يا ڪا ٻي اليڪشن کٽي ڏيکاري.
ٽي اسٽوجز پاڪستان جي خلاف سازش ۾ مليل آهن جيڪي پاڪستان ۽ ان جي ادارن کي ڪمزور ڪرڻ چاهين ٿا: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : loteria do Paraná