اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چي?? آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ ميڊ??ا ورڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چي?? ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، هن چي?? ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چي?? ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي صحت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چي?? ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪي آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان ميڊيا يونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چي?? ته اليڪٽرانڪ ميڊ??ا ورڪز جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چي?? ته حڪومتي کاتن طرفان جيڪي به ادائيگيون ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪ??ا وڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چي?? ته ميڊيا مالڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊ??ا ورڪرز جون پگهارون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اسپورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ??يو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چي?? ته اسان کي صحافين لاءِ فائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي والا چي?? ته اسان چاهيون ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪيو وڃي، هن چي?? ته ميڊ??ا ورڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.
آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي: سينيٽر فيصل جاويد
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن