اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن يونان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير آندرياس پاپستاورو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان يونان سان ٻطرفي ل??ڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان مختلف شعبن ۾ يونان سان ٻطرفو تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ معاشي ۽ ثقافتي ??عاون وڌائڻ جي ڪافي صلاحيت موجود آهي. صدر ملاقات ۾ افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي قيام لاءِ پاڪستاني ڪوششن جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته امن ۽ استحڪام سان نه رڳو افغانستان پر خطي جي ٻين ملڪن ۾ به معاشي خوشحالي ايندي. ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته پاڪستان ۾ افغانستان تي ??و آءِ سي ڪانفرنس جي پرڏيهي وزيرن جو 17 هون غير معمولي اجلاس ڪامياب رهيو. او آءِ سي اجلاس سان افغانستان جي جنگ سبب متاثر عوام لاءِ عالمي حمايت ۽ معاشي مدد حاصل ??ي. ??ن پاڪ – يونان لاڳاپن جي فروغ تي ??هدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيو.
پاڪستان يونان سان ثقافت، تعليم ۽ سياحت جي شعبن ۾ وڌيڪ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن