اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخ??ا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ما??ين??ڙ جوانن جي قربانين کي ??ڏهن نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ٻن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ڪاررواين دوران شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خاطر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ما??ين??ڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر مملڪت دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر مملڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
صدرآصف علي زرداري پاران بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری پاکستان