نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، تعليم ۽ پيشيواراڻي وارو وفاقي وزير خالد مقبول صديقي ۽ خاص معاون طارق فاطمي وزيراعظم سان گڏ دوري ۾ شريڪ آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪن??و. ان سان گڏوگڏ وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن بابت ايس ڊي جيز موومينٽ 2024ع، سلامتي ڪائونسل جي ليڊرشپ فار پيس جي عنوان سان هاءِ ليول اوپن ڊبيٽ ۽ وڌندڙ سطح سمنڊ سان امڪاني خطرن تي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ۽ ڳالهه ٻولهه ڪن??و. وزيراعظم نيويارڪ ۾ آمريڪا – پاڪستان بزنس ڪائونسل ۽ پاڪستاني بينڪرز سان ملاقات پڻ ڪن??و ۽ انهن کي حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين کان آگاهه ڪن??و. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، جنرل اسيمبلي جي صدر فيليمون يانگ، يورپيئن ڪميشن جي صدر ارسلا وون ڊرليئن سان ملاقاتن سان گڏوگڏ گيٽس فائونڊيشن جي باني بل گيٽس، عالمي بئنڪ جي صدر اجي بانگا ۽ عالمي مالياتي فنڊ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا سان پڻ ملاقات ڪن??و. وزيراعظم فلسطين جي صدر محمود عباس سان خصوصي ملاقات ڪن??و جنهن ۾ فلسطين ۾ جاري صيهوني ظلم ۽ ڏاڍ کي روڪڻ ۽ عالمي برادري کي ان ڏس ۾ قدمن کي تيز ڪرڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ جي حوالي سان مشاورت ٿيندي. وزيراعظم دوست مل??ن جي سربراهن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪن??و، برونائي دارالسلام جي سلطان حسن البلقيه پاران برونائي جي گڏيل قومن ۾ ميمبرشپ جا 40 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل مانجهاندي ۽ بنگلاديش جي چيف ايڊوائيزر ڊاڪٽر محمد يونس پاران بنگلاديش جي گڏيل قومن جي ميمبرشپ جا 50 سال مڪمل ٿيڻ تي ڏنل آجياڻي ۾ پڻ شرڪت ڪن??و. وزيراعظم پنهنجي آمريڪا جي دوري ۾ عالمي اڳواڻن آڏو موسمياتي تبديلي جي خطري ۾ ورتل مل??ن جي مسئلن، خطي ۾ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي قربانين، عالمي معاشي نظام ۽ مقروض مل??ن جي مسئلن، ڪشمير ۾ ڀارتي غيرقانوني قبضي ۽ ظلم ۽ ڏاڍ ۽ اسرائيل پاران معصوم فلسطينين جي جاري نسل ڪشيءَ جي حوالي سان آواز اٿاريندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : بلوچستان لاٹری