اسلام آباد-22 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس مالم جبا ۽ سوا?? ۾ ??وليس وين تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته آچر ڏ??نه?? مالم جبا ۽ سوات جي دوري کانپوءِ اسلام آباد ويندڙ سفارتڪارن جي هڪ گروپ هڪ واقعي جو مشاهدو ڪيو. ترجمان چيو ته ان واقعي ۾ هڪ ايڊوانس اسڪائوٽ پوليس جي گاڏي کي آءِ اي ڊي سان نشانو بڻايو ويو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 زخمي ٿي پيا. ترجمان چيو ته سفارتڪارن جو اهو گروپ حفاظت سان اسلام آباد پهچي ويو آهي. ترجمان چيو ته اسان جون همد??دي??ن ان واقعي ۾ شهيد ٿيل پوليس اهلڪار ۽ ٽنهي زخمين جي وارثن سان گڏ آهن. هن چيو ته اسان پنهنجي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو احترام ڪريون ٿا جيڪي دهشتگردن آڏو ثابت قدم رهن ٿا. اهڙي طرح جا قدم پاڪستان کي دهشتگردي خلاف جنگ جي عزم کي روڪي نٿا سگهن.
مضمون کا ماخذ : اٹلانٹس کا بادشاہ