اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي پٽن ۽ پاڪ فوج جي عظيم فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي ??هميت رکندڙ آهي، اسان جي فوج جو حوصلو ۽ فرض سان جذبو ئي پاڪستان جي سلامتي جو بنياد آهي، ”عزم استحڪام“ ??حت نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان جو مقصد هر قسم جي دهشتگردي بشمول ڊيجيٽل دهشتگردي کي سدائين جي ل??ءِ پاڙ کان پٽي اڇلائڻو آهي، حڪومت ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ۽ ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ حصيداري تي يقين رکي ٿي، ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ۽ ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي، هر پليٽ فارم تي پنهنجو آواز فلسطين جي ل??ءِ بلند ڪندا رهنداسين. دفاع ۽ شهيدن جي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي ??هميت رکندڙ آهي. هر سال ان ڏينهن پاڪستاني قوم دفاع ۽ شهيدن جو ڏهاڙو وڏي جوش ۽ احترام سان ملهائي ٿي. اسان سڀ ملڪ جي پٽن ۽ پاڪ فوج جي عظيم فرزندن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جن 6 سيپٽمبر 1965ع تي اسان جي سرحدن تي حملي آور دشمن جي خلاف بي خوف ٿي وڙهندي ان کي شڪست ڏني. دشمن جي ان اڻ اعلانيل حملي ۽ عددي برتري جي باوجود پاڪ فوج جي بيداري ۽ تياري جي ڪري دُشمن کي سمورن محاذن تي شرمندگي ۽ عبرتناڪ شڪست کي منهن ڏيڻو پيو. گذريل 59 سالن کان پاڪ فوج هر وقت تيار ۽ پيشيواراڻي صلاحيتن ۽ حربي تيارين جو مظاهرو ڪري دفاع جي ڏهاڙي جي جذبي کي زندهه رکيو آهي جيڪو اسان جي دفاع ۽ سگهه جي علامت بڻجي چڪو آهي. اهو ئي ??بب آهي جو قوم هر چئلينج ۾ سرخرو ٿي آهي. بنا ڪنهن شڪ جي اسان جي فوج جو حوصلو ۽ فرض سان لگن ئي پاڪستان جي سلامتي جو بنياد آهي. انهن جي قربانين سان اسان هڪ آزاد ۽ خودمختيار ملڪ ۾ زندگي گذاري رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته آئون شهيدن جي خاندانن کي خراج عقيدت پيش ڪريان ٿو جن جو جذبو ۽ حوصلو اسان کي محفوظ ۽ مضبوط پاڪستان جي تعمير جو عزم بخشي ٿو. جديد ترين حربي صلاحيتن سان ليس اسان جي فوج پنهنجي علائقائي ??الميت ۽ خودمختيار تشخص کي فتح نه ٿيڻ جو بڻائڻ جي ل??ءِ پنهنجي صلاحيت ۾ مسلسل اضافو ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت ڇڪتاڻ بدران ڳالهين ۽ ٽڪراءُ بدران تعاون ۽ حصيداري تي يقين رکي ٿي. اسان جو مقصد اهڙي سازگار فضا پيدا ڪرڻ آهي جتي سموري قوم ترقي ڪري ۽ غربت، بيماري ۽ جهالت جهڙا گڏيل مسئلا حل ڪرڻ تي ڌيان ڏي. هن چيو ته بدقسمتي سان ڪشمير مسئلي جو حل نه ٿيڻ خطي ۾ امن قائم ٿيڻ ۽ ترقي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهي. ڪشمير مسئلو ننڍي کنڊ جي ورڇ جي اڻ مڪمل ايجنڊا آهي جنهن کي ڪشميري عوام جي امنگن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ريفرنڊم جي ذريعي فوري حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان سان گڏوگڏ پاڙيسرين مان اٿندڙ دهشتگردي جي پاڙن کي گڏيل تعاون ۽ گڏيل مفاد جي حڪمت عملي جي ذريعي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اڄ جي ڏينهن آئون توهان جي ل??ءِ اميد ۽ عزم جو پيغام ڏيان ٿو. ياد رکو اسان جو ماضي بحيثيت قوم مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ جي اسان جي صلاحيت جو گواهه آهي. هر ڀيري اسان مضبوط تر ۽ عسڪري ل??اظ کان مضبوط ٿي اڀريا آهيون. وزيراعظم چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي انهي پختي عزم سان ڪم وٺڻو پوندو جيڪو سدائين اسان جي سڃاڻپ رهيو آهي. ”عزم استحڪام“ ??حت نظرثاني ٿيل نيشنل ايڪشن پلان جو مقصد سمورين قسمن جي دهشتگردي بشمول ڊيجيٽل دهشتگردي کي سدائين جي ل??ءِ پاڙ کان پٽي اڇلائڻو آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان سڀ گڏجي هڪ خوشحال پاڪستان جي راهه هموار ڪريون. هن چيو ته پاڪستان فلسطيني عوام سان مضبوطي سان بيٺل آهي. اسان هر پليٽ فارم تي پنهنجو آواز فلسطين جي ل??ءِ بلند ڪندا رهنداسين. فلسطيني عوام اسرائيلي قبضي جي خلاف پنهنجي ڊگهي جدوجهد ۾ ناقابل يقين جرئت جو مظاهرو ڪيو آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اها فلسطيني شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ غزه ۾ بيگناهه مسلمانن جي نسل ڪشيءَ بند ڪرائي. وزيراعظم چيو ته آئون شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کي پڻ سلام پيش ڪريان ٿو. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ انهن جي گهرڀاتين کي جرئت ۽ همت عطا فرمائي. اچو شهيدن جي جذبي کي پنهنجي دلين ۾ جڳهه ڏئي پاڪستان جو تحفظ ۽ تعمير ڪريون ۽ پاڪستان جي دفاع جي جذبي کي بيدار ڪندي عظمت جي بلندين تائين پهچون.
ملڪ جي تاريخ ۾ 6 سيپٽمبر انتهائي اهميت رکندڙ آهي، اسان جي فوج جو حوصلو ۽ فرض سان جذبو ئي پاڪستان جي سلامتي جو بنياد آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ