اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو ??نگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪيو. چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز کي نشان امتياز (ملٽري) عطا ڪرڻ جي خصوصي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي جنهن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل سيد عاصم منير سميت سروسز چيفس ۽ پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ غيرملڪي سفارتڪار ۽ اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار پڻ شريڪ ٿيا. جنرل لي چيائو ??نگ کي پاڪ چين دفاعي لاڳاپن کي وڌائڻ ۾ نمايان خدمتن جي اعتراف ۾ نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو ويو آهي. تقريب ۾ جنرل لي چيائو ??نگ جي چار ڏهاڪن جي ڪيريئر ۽ چيني فوج ۾ ان جي نمايان خدمتن جو ذڪر ڪيو ويو. ان جي ذهانت، انتظامي مهارت ۽ جذبي کيس هڪ به??در ۽ قابل آفيسر طور تي شهرت ڏني آهي جيڪو چين ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ ??ست??ڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم آهي. جنرل لي چيائو ??نگ چين جي ڀرپاسي امن ۽ ??ست??ڪام کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي غيرمعمولي پيشيواراڻي مهارت جي لاءِ مشهور آهي. پاڪستان جي دوست جي حيثيت سان هن پختي عزم سان پاڪ چين فوجي لاڳاپن کي تمام گهڻو مضبوط ڪيو. سندس اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ صدر آصف علي زرداري جنرل لي چيائو ??نگ کي نشان امتياز (ملٽري) سان نوازيو آهي.
صدر پاران چين جي پيپلز لبريشن آرمي جي ڪمانڊر گرائونڊ فورسز جنرل لي چيائو منگ کي نشان امتياز (ملٽري) عطا
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores