اسلام آباد-08 فيبروري (اي پي پي)گهرو معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو آهي ته عام ??ونڊن 2024ع لاءِ چونڊن واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور تي امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي. سيڪيورٽي فورسز قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ پوليس اهلڪارن جي پختي لگن ۽ پيشيوراڻي مهارت جو اعتراف ڪريان ٿو. چونڊن جي پڄاڻي جي موقعي تي پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير چيو ته فورسز کي پرامن چونڊون ڪرائڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ م??رر ڪيو ويو جيڪو جمهوريت ۽ پاڪستان جي عوام سان انهن جي وابستگي جو چٽو ثبوت آهي، انهن سمورن سيڪيورٽي اهلڪارن لاءِ خاص مبارڪون جن ووٽنگ جي عمل کي پرامن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گهرو وزير چيو ته سيڪيورٽي اهلڪارن جي مقرري بلوچستان، خيبرپختونخوا، سنڌ ۽ پنجاب جي ڏورانهن ??لا??قن ۾ به ڪئي وئي هئي جيڪي هر شهري جي پرامن ماحول ۾ پنهنجي ووٽ جي حق کي استعمال ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اسان جي عزم جو ثبوت آهي. ڪجهه واقعن کانسواءِ مجموعي صورتحال ڪ??ٽرول ۾ رهي جيڪا اسان جي حفاظتي قدمن جي افاديت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊاڪٽر گوهر اعجاز چيو ته چونڊ عمل جي بهترين طريقي سان پڄاڻي اسان جي هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عوام ??ي پرامن فراهم ڪرڻ جي عزم جي نشاندهي ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هو بنا خوف ۽ خطري جي پنهنجو جمهوري حق استعمال ڪري سگهيا.
چونڊ واري ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ مجموعي طور امن امان جي صورتحال مستحڪم رهي: ڊاڪٽر گوهر اعجاز
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ