راولپنڊي – 06 – نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه ع??وي عورتن تي زور ڏنو آهي ته اهي ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ ۽ هر مهيني 5 منٽن جي لاءِ پاڻ پنهنجو معائنو ڪن ته جيئن ڇاتيءَ جي ڪينسر جي شروعاتي مرحلي جي خبر لڳائڻ ۾ مدد ملي سگهي ۽ ان سان هزارين عورتن جي حياتي بچائي سگهجي ٿي. هو بهبود ايسوسيئيشن راولپنڊي جي اهتمام هيٺ بريسٽ ڪينسر آگاهي مهم جي سلسلي ۾ ٿيندڙ سيمينار کي خطاب ڪري رهي هئي. خاتون اول بيگم ثمينه ع??وي چيو ته پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب 44 هزار فوتگيون هڪ ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، ان کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ان بيماري جي جلد سُ??اڻپ بابت مسلسل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت خطرن کان بچڻ بابت عام ??اڻ??ن کي حساس بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيگم ثمينه ع??وي ٻڌايو ته دنيا ۾ مجموعي طور تي ڇاتيءَ جي ڪينسر مان صحتياب ٿيندڙن جي شر?? 98 ??يڪڙو آهي جڏهن ته هن پاڪستان ۾ ڪينسر جي سُ??اڻپ جي لاءِ ميموگرافي جي ناڪافي سهولتن جي ڪري فوتگين جي شرح وڌيڪ آهي. هن چيو ته هر عمر جي عورت جنهن ۾ 14 کان 15 سالن جي ننڍي عمر جي ڇوڪرين ۾ پڻ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي سُ??اڻپ ٿي رهي آهي. هن عورتن ۽ ڇوڪرين تي زور ڏنو ته اهي پاڻ معائنو ڪرڻ جو طريقو سکن ۽ پنهنجي ڀرپاسي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 کان وڌيڪ عورتن جي وچ ۾ ان ڳالهه کي ڦهلائين. هن بهبود مدد ۽ چائيلڊ اسپتال جي لاءِ پنهنجي خاندان پاران 500000 رپيا عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن معذور ??اڻ??ن جي شموليت، ذهني صحت ۽ عورتن جي لاءِ هراسمينٽ کان پاڪ ماحول کي يقيني بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن معذور ??اڻ??ن کي تعليم ۽ روزگار جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي معاشري ۾ مرڪزي ڌارا ۾ آڻڻ تي زور ڏنو. پاڪستان آرمي ۾ ملڪ جي پهرين ٿري اسٽار عورت جنرل ليفٽيننٽ جنرل (ر) نگار جوهر چيو ته دنيا ۾ 8 مان هڪ عورت ڇاتي جي ڪينسر سبب موت جي منهن ۾ هلي وڃ?? ٿي جيڪا هڪ خوفناڪ صورتحال آهي. هن چيو ته پاڪستان جي صحت جون خدمتون صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي عالمي صحت جي هدف موجب ڌيان ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب ٿيندڙ فوتگين کي 25 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ تي آهي.
عورتُون ڇاتيءَ جي ڪينسر جو پتو لڳائڻ جي لاءِ پاڻ پنهنجو معائنو ڪن: خاتون اول بيگم ثمينه علوي
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے