اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل تي زور ڏنو ويو آهي ته اها اسرائيل جي خلاف گڏيل قومن جي قراردادن کي ??اڳو ڪري. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته پڌرنامي ۾ قابض فوج کي ??ٿي??رن جي برآمد بند ڪرڻ جو مطالبو ۽ عالمي فوجداري عدالت کان اسرائيلي ڏوهن جي جاچ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 11 نومبر تي رياض ۾ منعقد گڏيل عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي، اهو سربراهي اجلاس والاريل فلسطين ۾ غيرانساني اسرائيلي جارحيت ۽ سنگين انساني صورتحال کي ??نهن ڏيڻ جي لاءِ گهراوي ويو هو. هن چيو ته نگران وزيراعظم فلسطيني عوام ۽ انهن جي خودمختياري جي حق لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو ۽ جون 1067ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ محفوظ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي اهم ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي. ترجمان چيو ته پاڪستان قابض فوج پاران عالمي قانونن جي مڪمل خلاف ورزي ڪندي اسپتال کي ??شانو بڻائڻ ۽ غزه جي اسپتالن جي خلاف اسرائيل جي جنگ جي پڻ مذمت ڪري ٿو. هن چيو ته اسان الشفاءَ اسپتال ۾ اسرائيلي دراندازي، مريضن، طبي عملي ۽ شهرين کي خطري ۾ وجهڻ سان حيران آهيون، عالمي برادري اسرائيل کي اسپتالن تي حملن جي لاءِ جوابده قرار ڏي. هن چيو ته اسرائيل کي ڄاڻي واڻي طور تي مسجدن، گرجا گهرن ۽ اسڪولن کي ??شانو بڻائڻ جي لاءِ پڻ جوابده هجڻ گهرجي جيڪي شهرين کي ??ناهه ڏين ٿا جيڪي اسرائيل پاران پنه??جي گهرن جي تباهي جي ڪري بي گهر ٿي چڪا آهن. ترجمان چيو ته شهرين جي بنيادي ڍانچي ۽ خودمختياري جي علامتن کي تباهه ڪري اسرائيل ڄاڻي واڻي غزه کي ??نه??جي شهري آبادي جي لاءِ رهائش جوڳو بڻائي رهيو آهي، اسرائيل جي حامين کي اسرائيل کي ??لسطيني عوام جي نسل ڪشي جي پنه??جي منصوبن تي عملدرآمد کان روڪڻ گهرجي. ترجمان وڌيڪ چيو ته جيئن ته گڏيل عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته سمورن ملڪن کي ??ابض عملد??رن کي ??ٿي??رن ۽ گولي بارود جي برآمدات کي روڪڻ گهرجي جيڪي ان جي فوج ۽ اتي رهندڙ فلسطينين کي ??تل ڪرڻ ۽ انهن جي گهرن، ملڪيتن ۽ شهري انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. هن هڪ ڀيرو ٻيهر عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيلي قابض فوج جي جاري جارحيت کي روڪڻ جي لاءِ گڏيل ۽ بامعنيٰ طور تي ڪم ڪري ۽ والاريل فلسطين ۾ ٿيندڙ جن??ي ڏوهن جي لاءِ اسرائيل کي جوابده قرار ڏي.
پاڪستان عرب اسلامي غيرمعمولي سربراهي اجلاس جي گڏيل پڌرنامي جي آجيان ڪري ٿو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado