راولپنڊي- 17 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سرب??اه?? جنرل سيد عاصم منير ان ??الهه تي زور ڀريو آهي ته تازو ئي ??ڪ منظم منصوبابندي تحت پيش آيل المناڪ واقعن جي ٻيهر ڪنهن به قيمت اجاز?? نه ڏني ويندي، ڪارو ڏينهن (9 مئي) تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. هو اربع ڏينهن سيالڪوٽ گيريزن جو دورو جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سرب??اه?? سيالڪوٽ گيريزن جو دورو ڪيو. گيريزن اچڻ تي آرمي چيف شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ شهيدن کي شاندار خراج عقيدت پيش ڪيو جن قوم جي فخر، عزت ۽ وقار لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪيو. پاڪ فوج جي سرب??اه?? جنرل سيد عاصم منير چيو ته شهيد اسان جي مَٿي جا تاج آهن جن سان آخرت ۾ اعليٰ مقام جو واعدو ڪيو ويو آهي، پاڪستاني عوام جي دلين ۾ شهيدن جو عظيم مقام سدائين قائم رهندو. رياست پاڪستان ۽ هٿياربند فوج سمورن شهيدن ۽ سندن خاندانن کي سدائين مٿانهون رکي ٿي ۽ مستقل طور تي انهن جي عظيم قربانين کي انتهائي عزت ۽ وقار جي نگاهه سان ??سون ٿا. آرمي چيف چيو ته ڪنهن کي به شهيدن ۽ انهن جي يادگارن جي بي حرمتي ڪرڻ جي اجاز?? نه ڏني ويندي. شهيد هٿياربند فوج، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، ??رڪاري اهلڪارن ۽ پاڪستان جي عوام لاءِ حوصلي ۽ فخر جو سبب آهن. هن رينڪ رينڊ فائل جي سامهون ان عزم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ورجايو ته ڪارو ڏينهن 9 مئي تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. آرمي چيف ماتحت فارميشنز جي محنت، لڳن، ??لند حوصلي ۽ پيشيوراڻي مهارت کي سا??اه??و. آفيسرن ۽ جوانن سان ??الهين دوران آرمي چيف فوج جي پيشيوراڻي مهارت، اندروني ۽ ٻاهرين چئلينجن سميت پروپيگنڊا ۽ وار فيئر کي منهن ڏيڻ لاءِ هر طرح جي تياري تي ڌيان ??يڻ تي زور ڀريو. آرمي چيف جي آمد تي گوجرانوالا ڪور جي ڪمانڊر سندس آجيان ??ئي.
پاڪ فوج جي سربراهه پاران سيالڪوٽ گيريزن جو دورو، 9 مئي تي قوم جي توهين ڪندڙ سمورن ذميوارن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪهٽڙي ۾ آندو ويندو: جنرل سيد عاصم منير
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ