اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانيا جي وقتي هاءِ ڪم??نر اينڊريو ڊگ ليش ملاقات ڪئي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ??وش?? ۽ آن لائين ميڊيا تي نفرت انگيز ۽ دهشتگردي جي روين بابت مواد جي خاتمي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات ۾ ميڊيا جي مختلف شعبن ڊيجيٽل ميڊيا، ميڊيا ٽريننگ ۽ فلم سازي ۾ تعاون سميت ٻط??فن سفارتي لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير شاهه چارلس ٽي جي تاج پوشي تي وقتي هاءِ ڪم??نر ۽ برطانيا جي عوام کي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو برطانيا جو تازو دورو ۽ ڪنگ چارلس ٽي جي تاج پوشي ۾ شرڪت ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ احترام ۽ گڏيل اعتماد تي ٻڌل دوستي جو مظهر آهي. هن چيو ته پاڪستان برطانيا سان ٻط??فن لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو. اطلاعات ??اري وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائن جي عزم جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ فلم سازي ۽ ميڊيا ٽريننگ ۾ تعاون تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. اطلاعات ??اري وفاقي وزير چيو ته فلم ۽ ڊراما ڪنهن به ملڪ جي ثقافت ۽ مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۾ صحت، تعليم، گورننس ۽ انساني وسيلن جي ترقي ۾ برطانوي حڪومت جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته صحافين کي تربيت جي فراهمي لاءِ برطانيا جي جديد ميڊيا نصاب مان مدد ورتي ويندي. ان موقعي تي برطانيا جي وقتي هاءِ ڪم??نر پاڪستان جي موجوده حڪومت جي معاشي پاليسين سميت اطلاعات جي شعبي ۾ ٿيندڙ ترقي کي ساراهيو. هن ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ پاڪستان جا 7 درجا بهتر ٿيڻ تي خوش آئنده قرار ڏنو. اطلاعات ??اري وزير کي مبارڪباد ڏني. برطانيا جي وقتي هاءِ ڪم??نر پاڪستان جي اقتصادي بحران کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ ٻط??في تعاون جي فروغ لاءِ نيڪ خواهشن ۽ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سان برطانيا جي وقتي هاءِ ڪمشنر اينڊريو ڊگ ليش جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا