اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان علائقي ۾ انساني حقن جي سنگين ۽ منظم خلاف ورزين جي خلاف آواز اٿاريندو رهندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪش??ير جي تڪرار جي ??نص??اڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪش??يرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو سلسلو جاري آهي. تازن ڏينهن ۾ ڀارتي قابض فورس را??وڙ??، ڪپواڙه ۽ بارهه مولا جي ضلعن ۾ 6 ڪش??يري نوجوانن کي قتل ڪيو. جڏهن ته را??وڙ?? ۽ پونڇ ضلعن ۾ گهيراءُ ۽ تلاشي جون ڪارروايون جاري رکيون. ان دوران مقامي آبادي کي خوفزدهه ڪيو ويو. ترجمان چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبصي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي ضلعي پلواما ۾ ڀارت جي نيشنل انويسٽيگيشن ايجنسي (اين آئي اي) آزادي جي حامي ڪارڪن فياض احمد ماگڙي جا 6 دڪان ضبط ڪري ورتا آهن. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته انساني حقن جون اهي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن.
پاڪستان پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria