اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپار ۽ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي جي ??اءِ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي در??ي جي صنعتن (ايس ايم ايز) کي فروغ ڏيڻ جا وڏا امڪان موجود آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ راولپنڊي چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽريز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ سفارتڪارن، چيمبرز جي عهديدارن سميت واپارين ۽ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته ننڍي ۽ وچولي در??ي جا ڪاروبار ملڪ جي ترقي جي ??اءِ ضروري آهن، ننڍي ۽ وچولي در??ي جي صنعتن کي ترقي ڏئي معيشت کي بهتر بڻائي سگهجي ??و. ايس ايم ايز کي ترقي ڏئي ان سان روزگار پيدا ڪرڻ ۽ انساني وسيلن کي ترقي ڏئي سگهجي ??ي. صدر چيو ته ننڍي ۽ وچولي در??ي جي صنعتن جي ترقي س??ن ملڪ معاشي طور تي مضبوط ٿيندو ۽ ان سان ملڪي معيشت بحال ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر تقريب ۾ شرڪت ڪند??ن کي اعزاز جوڳو قرار ڏيندي چيو ته اسان وٽ باصلاحيت افرادي قوت موجود آهي، پاڪستان کي پنهنجي ??وجوانآبادي مان فائدو کڻندي مختلف مهارتن سان گڏوگڏ انفارميشن ٽيڪنالا??ي جي تربيت ڏئي انهن کي هنرمند بڻائڻ گهرجي. هن چيو ته 2 ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته جديد گهرجن موجب آءِ ٽي جي تعليم سان نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ جي ??اءِ قدم کنيا وڃن. صدر چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن جن کي تعليم يافته ۽ هنرمند بڻائڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ماضي ۾ ٽيڪنالا??ي جي ميدان ۾ ڪافي پٺتي رهيو پر هاڻي ان کي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪرڻ جي ??اءِ اڳتي اچڻو پوندو. ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي ??اءِ ڀرپور قدمن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان جي ??عيشت جي بهتري جي ??اءِ عورتن جو ڪردار اهميت رکندڙ آهي، فني تربيت حاصل ڪرڻ نوجوانن خاص طور تي عورتن جي ??اءِ انتهائي لازمي آهي، پاڪستان جي ??عيشت کي اڳتي وٺي وڃڻ ۾ عورتن جو نمايان ڪردار هجڻ گهرجي. هن چيو ته عورتن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ سان پاڪستان اقتصادي ترقي جون منزلون طئي ڪندو. هن چيو ته فيس بڪ ۽ ٻيا ادارا عورتن کي ڊيجيٽل ٽولز جي ذريعي تربيت يافته بڻائي رهيا آهن جنهن جو مقصد انهن کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ آهي. صدر چيو ته پاڪستان آبادي جي ??حاظ کان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي جيڪو ايندڙ سالن ۾ آءِ ٽي جي ??يدان ۾ نمايان ڪاميابي حاصل ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته بلند مقام حاصل ڪرڻ جي ??اءِ ليڊرشپ جو تمام اهم ڪردار آهي، ڪورونا جي حوالي س??ن پاڪستان بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، اسان کي قائداعظم محمد علي جناح جي ??رمانن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ گهرجي. تقريب کي راولپنڊي چيمبر آف سمال ٽريڊرز اينڊ سمال انڊسٽري جي صدر طارق محمود جدون ۽ ٻين عهديدارن پڻ خطاب ڪيو. مقررين پنهنجي خطاب ۾ چيو ته واپاري برادري ملڪ جي اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي، واپارين دهشتگردي، ڪورونا وبا ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ بحرانن کي منهن ڏيڻ جي ??اءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي ??نرمند افرادي قوت کي عالمي معيار سان هم آهنگ بڻائينداسين. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مهانگائي جي تدارڪ جي ??اءِ حڪومتي س??ح تي قدمن جي ضرورت آهي. ان کان اڳ صدر واپار جي ??ختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي جو مظاه??و ڪندڙ مختلف ڪاروباري شخصيتن ۾ سرٽيفڪيٽس ورهايا.
واپار ۽ آءِ ٽي جي صنعت جي ترقي جي لاءِ نوجوانن کي تربيت يافته بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد