اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ترڪيه سدائين مشڪل جي گهڙيءَ ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي، ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ هلال احمر جي خيرسگالي سفير اسماعيل حقي ترنڪ ۽ پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير مهمت پيڪاسي تي ٻڌل ترڪي جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم مشڪل جي گهڙيءَ ۾ ترڪيه پاران يڪجهتي جي اظهار کي سا??اه??و ۽ چيو ته 2005ع جي زلزلي ۽ 2010ع جي ٻ??ڏ کانپوءِ جي صورتحال وانگر تازي ٻ??ڏ کانپوءِ به ترڪيه پاڪستان جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي، ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ امدادي سامان جون ٽرينون موڪلڻ تي صدر رجب طيب اردوان ۽ ترڪيه جي عوام جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته ترڪيه پاران امدادي ڪاررواين جي ل??ءِ موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻ??ڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي. اسماعيل حقي ترنڪ ملڪ ۾ تازي ٻ??ڏ سان ٿيندڙ جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو ۽ ريليف جي ل??ءِ مڪمل مدد ۽ بحالي جي عمل ۾ مسلسل حمايت جو يقين ڏياريو. وفد جي ميمبرن وزيراعظم کي ٻڌايو ته اهي امدادي سامان ۽ خدمتن جي ف??اه??ي ۽ نقصانن جو جائزو وٺڻ ل??ءِ ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪندا. وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار تي ترڪ هلال احمر جا ٿورا مڃيا.
ترڪيه پاران موڪليل 50 ٻيڙين سان سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ڦاٿل سوين ماڻهن کي منتقل ڪرڻ ۾ مدد ملي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : نتیجہ بہت زیادہ