اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻوڏ سٽيلن جي مدد تي سعودي عرب جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران امداد جي فراهمي کي دل جي ??هر??ين سان ساراهي ٿي، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطر??ي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان م??اقات ۾ ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪ سعودي لاڳاپا گڏيل ??ذهب، قدرن ۽ ثقافت سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته ٻئي ملڪ قيادت ۾ تبديلين کان هٽي ڪري مشڪل حالتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ويجها سياسي لاڳاپا آهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته موجوده واپاري ڪاٿو ٻنهي ڀائرن م??ڪن جي وچ ۾ لاڳاپن جي ??هر??ئي جي مڪمل عڪاسي نه ٿو ڪري، پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ 4.6 ارب ڊالر جي موجوده ٻطر??ي واپاري ڪاٿي کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستاني عوام ۽ حڪومت ٻوڏ جهڙي مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد کي دل جي ??هر??ين سان ساراهي ٿي. صدر ٻوڏ متاثرين کي امداد پهچائڻ جي لاءِ فضائي پل فراهم ڪرڻ ۾ سعودي عرب جي مدد کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ پوري پاڪستان ۾ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو، ٻوڏ ۾ 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 10 لک کان وڌيڪ چوپائي مال جو نقصان ٿيو، ٻوڏ سان معيشت کي پهچندڙ نقصان جو ڪاٿو اٽڪل 30 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي. صدر اسلامي تعاون تنظيم ۾ فلسطين، ڪشمير ۽ افغانستان سان لاڳاپيل ??عاملا اجاگر ڪرڻ تي سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيو. صدر والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين تي پڻ روشني وڌي. صدر اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون بند ڪرائڻ، گڏيل ??ومن جي قراردادن م??جب مسئلي جي پرامن حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.
پاڪستان ٻوڏ دوران سعودي عرب پاران فراهم ڪيل امداد کي دل جي گهراين سان ساراهي ٿي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável