اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشوري جو ڏهاڙو باطل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، عاشوري جو ڏهاڙو حق ۽ باطل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. عاشوري جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حضرت ام??م حسين رضه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظا??م مظلوم جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم ام??م هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حضرت ام??م حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهادري جو پيغام برابري ۽ آزادي جي آفاقي اصولن جي ??ني??د تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي حضرت ام??م حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪو صبر، وفاداري، اتحاد ?? رواداري جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي قوتن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.
عاشوري جو ڏهاڙو باطل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن