اسلام آباد – 29 – جون (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي ڊائمنڊ جوبلي جي خوشين ۽ مبارڪباد جي موقعي تي ”عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان“ جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي. اهو پاڪستان سان محبت ۽ ان عزم جي تجديد آهي ته اسان جا بهادر ۽ عظيم بزرگ ۽ شهيد جنهن عزم س??ن پاڪستان ٺاهيو هو انهي عزم سان مع??شي طور تي ان کي مضبوط ۽ پاڻ تي دارومدار ڪرڻ، فلاحي مملڪت ۽ دفاعي لحاظ کان فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائينداسين. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان جو مقصد آهي ته پاڪستان قائم ٿيڻ جو حقيقي مقصد حاصل ٿئي ۽ عوام جي زندگين ۾ اهي آسانيون اچن جنهن جو خواب ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڏٺو هو. مع??شي پاڻ تي دارومدار ڪرڻ جي ويزن س??ن پاڪستان جا نوجوان حقيقي معنيٰ ۾ قوم جا معمار بڻجندا. قومي ترقي جا ثمر حاصل ٿيندا. هن چيو ته تعليم، روزگ??ر، ڪاروبار ۽ زندگي جي سڀني شعبن ۾ هر اول دستو بڻجندا، اس??ن پنهنجي نوجوانن کي فيصلاساز بڻائينداسين. هن چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ وانگر هڪ اسلامي فلاحي ترقي يافته ۽ مع??شي طور تي خودمختيار پاڪستان جو خواب سچ ٿي رهندو.
عظم عاليشان شاد رهي پاڪستان جي عنوان سان خصوصي لوگو جاري ڪيو ويو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں