اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڇاتي جي ڪينسر جي جلد سڃاڻپ ئي ??لڪ ۾ ان موذي مرض جو شڪار ٿيندڙ 40 هزار ??ور??ن جون زندگيون بچائڻ جو واحد رستو آهي، ان سلسلي ۾ ڀرپور آگاهي مهمن جي ذريعي ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ خدشن کان ڇوٽڪارو حاصل ڪندي ??ور??ن کي فوري طبي مدد وٺڻ بابت هٻڪ کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.
صدر پنهنجي زال ثيمنه علوي سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ عوام کي حساس بڻائڻ ۾ ميڊيا جي ڪ??دار جي اهميت کي اجاگر ڪيو. صدر عارف علوي چ??و ته پاڪستان جهڙي اسرندڙ ملڪ ۾ احتياط ۽ پرهيز ڇاتي جي ڪينسر سميت ٻين بيمارين جي مهانگي طبي علاج کان بچڻ جو بهترين طريقو آهي، هن چ??و ته معاشري جي ذميداري آهي ته هو ??ور??ن کي تعليم، صحت ۽ هراسيت کان بچاءُ سميت سمورين سهولتن تائين پهچ ڏي. صدر صحافين تي زور ڏنو ته هو ڇاتي جي ڪينسر جي خلاف جنگ ۾ ان موضوع کي نمايان ڪري ته جيئن ماڻهن کي وڌ کان وڌ آگاهه ڪري سگهجي،
ان موقعي تي بيگم ثمينه علوي چ??و ته ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ سندس آگاهي مهم جي پيش نظر ميڊيا پنهنجي ٽيليويزن پروگرامن ۽ اخبارن ۾ ان موضوع کي موثر طريقي سان اجاگر ڪري رهيو آهي، هن چ??و ته هو هن مهيني ۾ مختلف شهرن جي ڪ??ليجن جو دورو ڪندي ته جيئن ڇوڪرين ۾ پاڻ سڃاڻڻ جي حوالي سان شعور بيدار ڪري سگهجي. هن خا??دانن جي مردن تي به زور ڏنو ته هو ان بيماري سان جڙيل مصيبتن جو ازالو ڪن ۽ مناسب طبي سارسنڀال لاءِ ??ور??ن جي مدد ڪن. وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چ??و ته ڇاتي جي ڪينسر جي سنگيني جي پيش نظر لاڳاپيل صحت جي ادارن جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي.