اسلا?? آباد – 19 – مئي (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خيبرپختونخوا ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 104 فوتگيون ٿيون جنهن مان 43 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ 3 هزار 256 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 68 سيڪڙو، لاهور ۾ 58 سيڪڙو، پشاور ۾ 37 سيڪڙو ۽ بهاولپور ۾ 48 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، صوابي ۾ 47 سيڪڙو، گجرانوالا ۾ 51 سيڪڙو، ملتان ۾ 60 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 41 هزار 771 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 14 هزار 41، پنجاب ۾ 16 هزار 51، خيبرپختونخواهه ۾ 6 هزار 198، اسلا?? آباد ۾ 2 هزار 814، بلوچستان ۾ هڪ هزار 521، گلگت بلتستان ۾ 342، آزاد ڪشمير ۾ 804 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 7 لک 99 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪ??ويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 567 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪ??ويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 66 هزار 371 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪ??رونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 8 لک 86 ه??ار 184 آهي.
ڪورونا سبب سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 104 ڄڻا فوت
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania