اسلام آباد ??? 16 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين پاران روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس تحت 87 هزار 833 اڪائونٽس کولڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين اسٽيٽ بئنڪ جي روشن ڊيجيٽل اڪائونٽس جي حوالي سان ڀرپور دلچسپي جو مظاهرو ڪيو آهي، دنيا جي 97 ملڪن مان ان سلسلي ۾ سمنڊ پار پاڪستانين 87 هزار 833 اڪائونٽس کولرايا آهن ۽ رڳو 5 مهينن جي عرصي ۾ پاڪستان ۾ 50 ڪروڙ ڊالر موڪليا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين پاران رقم موڪلڻ جي تسلسل ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي ۽ رڳو گذريل 6 هفتن ۾ 24 ڪروڙ 30 لک ڊالر ملڪ ۾ موڪليا ويا آهن.
مضمون کا ماخذ : جادوئی اسپن