اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت ورثي ۾ مليل مشڪل اقتصادي حالتن کي منهن ڏيڻ ۽ زبون حال معيشيت جي بحالي جي لاءِ ٺوس ۽ پائيدار بنيادن تي قدم کنيا آهن، جنه?? جي ڪري قومي معيشيت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي وئي اهي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي مضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. جاري مالي سال جي دوران قومي معيشيت جي حوالي سان اهڃان هاڪاري آهن. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو??، سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9. 1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي. ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿ?? ويو آهي. سال 2018ع ۾ حڪومت کي مشڪل اقتصادي حالتون ۽ معيشيت ورثي ۾ ملي، معاشي ڏکيائين ۽ حد درجي تائين وڌيڪ حڪومتين خرچن تي ضابطي لاءِ حڪومت سخت مالياتي نظم ضبط لاڳو ڪيو، محصولن ۾ اضافو ڪيو ويو، مارڪيٽ جي لحاظ کان ايڪسچينج ريٽ متعارف ڪرايو ويو، ٽيڪسن ۾ وڏي ڇوٽ ۽ مڪمل ڇوٽ جو خاتمو ڪيو ويو، جڏهن ته آمدني واپار جي حوصله شڪني ڪئي وئي. انهن قدم?? جي نتيجي ۾ پاڪستان مالياتي ۽ جاري حساب?? جي خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ ذڪر جوڳي بهتري ڏيکاري، پهريون ڀيرو پرائمري بيلينس واڌو ۾ اچي ويو، جنهن جو ماضيءَ ۾ مثال نه ٿو ملي. ڪووڊ- 19 عالمي وبا کان پهرين سمورا معاشي اهڃاڻ نمايان بهتري جي عڪاسي ڪري رهيا هئا، ڪووڊ- 19 جي عرصي ۾ حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائو?? جي پاليسي اختيار ڪئي، جنهن جو مقصد وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ ۽ گڏوگڏ معيشيت کي فعال ۽ متحرڪ رکڻ هو. سمارٽ لاڪ ڊائون پاليسي تحت ڪجهه ڪاروباري شعبا کوليا ويا، جڏهن ته ڪجهه کي محدود پيماني تي ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت ڏني وئي ته جيئن ڏکي وقت ۾ وبا جي ناڪاري اثرن کي گهٽ کان گهٽ ڪري سگهجي. حڪومت معاشي بحالي واري عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ زراعت ۽ اڏاوتي شعبن کي سهولتون ڏيڻ جي ڏس ۾ ڪيترائي اپاءَ ورتا. وزيراعظم عمران خان زرعي شعبي جي لاءِ 24 ارب روپي?? جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي ته جيئن هارين کي گهٽ اگهه تي زرعي اسم?? جي فراهمي ممڪن ٿي سگهي. ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبار (ايس ايم ايز) کي ڪيش جي مسئلي ۽ بيروزگاري کان بچائڻ جي لاءِ رليف پيڪيج ڏنو ويو. حڪومت ڏهاڙي تي پورهيو ڪندڙ هڪ ڪروڙ 50 لک ڪٽنبن کي 12 هزار روپيا في ڪٽنب روڪ امداد ڏيڻ جي لاءِ ”احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام“ شروع ڪيو، ان مقصد لاءِ 144 ارب روپيا رکيا ويا. مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ قومي معيشيت جي حوالي سان اهڃاڻ مثبت رهيا آهن، پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان اماڻيل ناڻي ۾ 26.5 سيڪڙو، سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 9.1 سيڪڙو ۽ ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۾ 4.5 سيڪڙو اضافو ڏسڻ ۾ آيو. پرائمري بيلينس 258 ارب روپيا واڌو ٿ?? ويو. حڪومت جي بروقت ۽ دانشمنداڻين پاليسي?? جي ڪري وڏين صنعت?? جي پيداوار ”ايل ايس ايم“ ۾ 4.8 سيڪڙو ۽ سيمينٽ جي پيداوار ۾ 20 سيڪڙو اضافو ٿ??و. سيمينٽ جي 100 سيڪڙو پيداواري صلاحيت حاصل ڪئي وئي. اهڙي ريت جولاءِ کان آڪٽوبر 2020ع تائي?? جي مدي ۾ ڪارن، موٽرسائيڪلن ۽ ٽريڪٽر?? جي وڪري ۾ ذڪر جوڳو اضافو ٿ??و. ڪووڊ- 19 عالمي وبا جي باوجود تازا انگ اکر معيشيت جي مضبوطي، ڦهلاءُ ۽ بحالي جي مرحلي جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. حڪومت نجي شعبي جي معاونت تي پختو يقين رکي ٿي ۽ ان شعبي کي معاشي شعبي جي ترقي جي انجڻ سمجهي ٿي، حڪومت جامع ۽ پائيدار اوسر جي لاءِ ادار?? جي صلاحيتن ۾ بهتري تي يقين رکي ٿي. ڪريڊٽ ريٽنگ جي بين الاقوامي اداري ”موڊيز“ آگسٽ 2020ع ۾ پاڪستا?? جي معاشي درجه بندي کي ”مستحڪم“ قرار ڏنو هو. حڪومت غير ملڪي سيڙپڪاري جي شعبي ۾ آزاداڻي پاليسي متعارف ڪرائي، ڪاروبار ۾ آسانين لاءِ قدم کنيا ويا. ان حوالي سان عالمي انڊيڪس ”اي او بي ڊي“ ۾ 2018ع ۾ پاڪستا?? جي پوزيشن 147، 2019ع ۾ 136 ۽ 2020ع ۾ 108 نمبر تي اچي وئي آهي. پاڪستان ۾ پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۽ سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿ??و آهي، جيڪا پاڪستا?? جي معيشيت تي اعتماد جي عڪاسي آهي.
ٺوس ۽ پائيدار بنيادن تي قدمن جي نتيجي ۾ قومي معيشيت بحالي جي راهه تي گامزن ٿي
مضمون کا ماخذ : لکی لیپریچون