بر??زي??يا-18 نومبر (اي پي پي) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آھي ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن. پرڏيھي خابرو اداري مطابق ترڪيه صدر جي-20 سربراھي اج??اس جي سلسلي ۾ بر??زي?? جي صدر لولادي سلوا سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ترڪيه جي صدر چيو ته ترڪيه ۽ بر??زي?? جي لاڳاپن جي ترقي ۾ اعليٰ سطحي ڳالھيون اھم آھن ۽ ٻنھي ملڪن وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ لاءِ ڪم جاري رھندو. ھن چيو ته اسرائيلي جارحيت خلاف بر??زي?? جو موقف واکاڻ جوڳو آھي، ترڪيه گڏيل قومن ۾ اسرائيل کي ھٿيار ۽ جنگي سامان جي وڪري کي روڪڻ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي آھي ۽ ان سان گڏوگڏ فلسطين ۾ مستقل جنگبندي، بنا رڪاوٽ انساني امداد جي فراھم?? ۽ ??ه رياستي حل جي بنياد تي منصفاڻي حل لاءِ پنھنجي ھر ممڪن ڪوشش جاري رکندو. ھن چيو ته گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار کي روڪڻ ۾ ناڪام آھن ۽ بحرانن جي حل ۾ غير موثر ثابت ٿيون آھن. ھن بر??زي?? جي، جي- 20 صدارتي اج??اس دوران عالمي انتظامي س??ار?? کي ايجنڊا تي آڻڻ جي قدمن کي صحيح قرار ڏنو.
گڏيل قومون، غزه سميت سڄي دنيا ۾ تڪرار روڪڻ ۾ ناڪام ۽ بحرانن جي حل ۾ غير اثرائتو ثابت ٿيون آھن: ترڪ صدر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں