واشنگٽن -12 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي دفاع و??ري وزير لائيڊ آسٽن وچ اوڀر ۾ هڪ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز موڪلڻ ۽ تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي جهاز يو اي?? اي?? ابراهم لنڪن کي به علائقي ۾ فوري طور روانو ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. پرڏيهي خابرو اد??ري مطابق آمريڪي دفاع و??ري وزير پنهنجي بيان ۾ ان تازي اڳڀرائي بابت ٻڌايو ته ل??ئيڊ آسٽن اهو حڪم اسرائيلي دفاع و??ري وزير يووگيلنٽ سان ڳالهين کان پوءِ ج??ري ڪيو آهي. سوشل ميڊيا تي آمريڪي فوج جي پوسٽ مطابق ايٽمي آبدوز يو اي?? اي?? جارجيا جولاءِ ۾ رومي سمنڊ ۾ اڳ کان موجود آهي. آمريڪي دفاع و??ري وزير جي پنهنجي اسرائيلي هم منصب سان ڳالهين کان پوءِ پينٽاگون بيان ۾ چيو آهي، ته دفاعي سربراهه ابراهم لنڪن اسٽرائيڪ گروپ کي علائقي ۾ فوري مقرري جو حڪم ڏنو آهي. پينٽاگون جي پريس سيڪريٽري ميجر جنرل پيٽ رائيڊر چيو ته ل??ئيڊ آسٽن اسرائيل جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ جي آمريڪي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ وڌندڙ علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي وچ اوڀر ۾ آمريڪي فوجي طاقت جي پوزيشن ۽ صلاحيتن جو جائزو ورتو.
آمريڪي دفاع واري وزير طرفان وچ اوڀر ۾ گائيڊڊ ميزائيل آبدوز ۽ تباهي آڻيندڙ سامونڊي جهاز کي فوري موڪلڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل