مناما-17 مئي (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? انتونيو گوتريش چيو آهي ته غزه تڪرار سبب سموري خطي کي خطرو آهي، فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ڪو به سبب ناهي، رفح تي ڪو به حملو قبولڻ جوڳو ناهي. بحرين جي شهر ??ناما ۾ عرب ليگ جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نر?? انتونيو گوتريش چيو ته رفح تي به ڪو به حملو قبولڻ جوڳو ناهي، هن غزه کي وچ اوڀر جو کليل زخم قرار ڏيندي چيو ته اتي انساني بنيادن تي جنگ بندي، سمورن يرغمالين جي آزادي ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي امداد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته جهڙي ريت 7 آڪٽوبر تي اسرائيل تي حماس جي حملن جو ڪو سبب پيش نٿو ڪري سگهجي اهڙي ريت فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو پڻ ڪو به سبب پيش نٿو ڪري سگهجي. ??نر?? سيڪريٽري غزه جي ڏکڻ علائقي رفح ۾ اسرائيلي حملي کي قبولڻ جوڳو نه قرار ڏيندي چيو ته ان سان ماڻهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويندو، هن غزه ڪناري ۾ ڇڪتاڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي هن اسرائيلين جي غير قانوني آبادين، آبادڪارين جي تشدد ۽ اسرائيلي فوج پاران طاقت جي حد کان وڌيڪ استعمال ۽ فسلطينين جي ملڪيتن جي تباهي ۽ انهن کي علائقي مان بي دخل ڪرڻ جو ذڪر ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته تشدد ۽ عدم استحڪام جو خاتمي جو واحد مستقل رستو مسئلي جو ٻه رياستي حل آهي جنه?? ۾ ??سرائيل ۽ فلسطين پاڙيسري ملڪن جي حثيت سان گڏ رهن ۽ والاري بيت المقدس ٻنهي جو گڏيل گادي وارو شهر ??جي. هن والاريل اولهندي علائقي ۾ ڇڪتاڻ تي پڻ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. سيڪريٽري ??نر?? ليبيا، يمن ۽ سوڊا?? ۾ ??من عمل جي تحفظ لاءِ پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ شام جي ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي مفاهمت و??ري جذبي سان گڏ ٿين. پنهنجي مقصد کي اهميت ڏين ۽ سڀني جي حقن جو احترام ڪن.
غزه تڪرار سبب سموري خطي کي خطرو آهي، فلسطينين کي اجتماعي سزا ڏيڻ جو ڪو به سبب ناهي، رفح تي ڪو به حملو قبولڻ جوڳو آهي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : لیپریچون کی خوش قسمتی۔