واشنگٽن – 17 مئي (اي پي پي) ??مر??ڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ شد??د طوفان سبب مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. شنهوا مطابق هيوسٽن اختيارين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن شد??د طوفان سبب س??ور?? علائقن ۾ وڏي پيماني تي نقصان پهتو. ??مر??ڪي اليڪٽرڪ ۽ قدرتي گيس ڪمپني سينٽر پوائنٽ مطابق طوفان سبب اٽڪل 9 لک صارفين بجلي کان محروم ٿي ويا. هيوسٽن ۽ ان جي پسگردائي ۾ وڻ پاڙون پٽجي ويا ۽ بجلي جون تارون ٽٽي پيون. ٽيڪساس جي سڀني کان وڏي اسڪول طوفان سبب ٿيل نقصان ۽ بجلي جي بندش سبب جمعي تي سموريون ڪلاسون رد ڪري ڇڏيون. فوري طور تي اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ماڻهن جون فوتگيون ڪيئن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : رومن دولت