واشنگٽن- 07 فيبروري (اي پي پي)آمريڪا جي دفاع واري وزير لائيڊ آسٽن سعودي هم منصب خالد بن سلمان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ۽ اردن ۽ شام جي سرحد تي آمريڪي اڏي تي حملي جي ردعمل جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ميڊيا رپورٽن ۾ آمريڪا جي دفاع واري کاتي جي لکت ۾ جاري ڪيل بيان جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته لائيڊ آسٽن ۽ خالد بن سلمان وچ ۾ ٿيل ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن اردن ۽ شام جي سرحد تي آمريڪي بيس تي حملي (جنهن ۾ ان جا ٽي فوجي مارجي ويا) ۽ يمن جي حوثي باغين خلاف آمريڪي جوابي ڪاروائي جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي. آسٽن ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته انهن جو مل?? عراق ۽ شام ۾ پنهنجي فوج کي درپيش خ??رن سان احمر سم??ڊ ۾ سفر جي آزادي خلاف حوثين جي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي شراڪتدارن سان ڪم جاري رکندو، واضع رهي ته 29 جنوري تي شام ۽ اردن جي سرحد تي واقع آمريڪي ٽاور بيس تي حملي ۾ ٽي فوجي مارجي ويا ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿيا ??ئا.
آمريڪا جي دفاع واري وزير جو سعودي هم منصب سان ٽيليفونڪ رابطو، علائقائي دفاعي معاملن تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : نقدی پھٹنا