پئرس/گڏيل قومون-27 سيپٽمبر (اي پي پي) فرانس ايندڙ سال منعقد ٿيندڙ پئرس اولمپڪس دوران عورت رانديگرن کي حجاب پائڻ کان روڪي ڇڏيو، ٻي طرف گڏيل قومن سيڪيولرازم جي نالي تي فران?? طرفان اولمپڪ ران??ين دوران فرانس جي رانديگرن کي حجاب پائڻ کان روڪڻ جي جواب ۾ عورتن تي لباس جو ضابطه اخلاق مڙهڻ يا ان تي پابندي لاڳو ڪرڻ جي اص??لي مخالفت جي تجديد ڪئي آهي. انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي ترجمان مارٽا هرٽاڊو هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عام طور تي انساني حقن جي هاءِ ڪمشنر جي آفيس جو خيال آهي ته ڪنهن کي به عورتن کي اهو حق نه ڏيڻ گهرجي ته کيس ڇا پائڻ گهرجي يا ڇا پائڻ نه گهرجي. هن ياد ڏياريو ته عورتن خلاف هر قسم جي امتيازي سلوڪ جي خاتمي بابت ڪنوينشن سمورين ڌر??ن کي ان معاملي تي فرانس کي ڪمتري يا برتري جي خيال جي بيناد تي ڪنهن به سماجي يا ثقافتي ماڊل ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ ضروري مناسب قدم کڻڻ جو پابند ڪري ٿو. هن زور ڀريو ته هي امتيازي طرز عمل نقصانڪار نتيجن وارو ٿي سگهي ٿو، اهو ئي سبب آهي ته عالمي انساني حقن جي معيار موجب مذهبن يا عقيدن جي اظهار تي پابن??ين جهڙوڪ لباس جي چونڊ، صرف انتهائي مخصوص حالتن ۾ قبول جوڳو آهي، هن اها ڳالهه فرانس جي ران??ين واري وزير ايميلي اوڊيا ڪاسٽيرا جي تازي بيانن جي جواب ۾ چئي. واضح رهي ته فرانس جي وزير ٻه ڏينهن اڳ ملڪي چ??نل فرانس 3 تي وضاحت ڪئي ته حڪومت هڪ سخت سيڪيولر نظام لاءِ پرعزم آهي، جنهن جو سختي سان ران??ين جي ميدان ۾ لاڳو ٿئي ٿو، ان جو مطلب آهي ته ڪنهن به قسم جي تبليغ تي پابندي لڳائي وڃي، هي عوامي خدمت لاءِ مڪمل غير جانبداري جو مطلب آهي ان لاءِ جيڪي ماڻهو اسان جي وفدن جي نمائندگي ڪن ٿا اسان جي فرانس جي ٽيمن ۾ ححاب نٿا پائي سگهن. فرانس جي وزير تسليم ڪيو ته عالمي اولمپڪ ڪميٽي حجاب پائڻ کي مذهبي عنصر طور تي نه پر هڪ ثقافتي عنصر طور تي سمجهڻ تي ٻڌل منطق جي طور تي ڏسي ٿي.
فرانس ۾ عورت رانديگرن جي حجاب تي پابندي لاڳو، گڏيل قومن جي تنقيد
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری