اسلام آباد – 17 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ لاڳاپن کي ”مذهب، اعتماد ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار ڏيندي انهن کي ??ڌي?? مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هو اسلام آباد ۾ يو اي اي جي 53هين قومي ڏينهن ”عيدالاتحاد“ جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف، پاڪستان ۾ يو اي اي جي سفير حم??د عبيد ابراهيم سالم الزابي، سفارتي برادري جي ميمبرن ۽ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي صدر چيو ته پاڪستان يو اي اي سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، قابل تجديد توانائي، زراعت ۽ سياحت جهڙن اهم شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن يو اي اي جي ڪاروباري ادارن کي پاڪستان جي معيشت بشمول پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج، قابل تجديد توانائي ۽ ٻين موقعن سان ڀرپور شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني، ڇو ته ملڪ هڪ اهڙو سيڙپڪاري دوست ماحول پيش ڪري ٿو. صدر چيو ته پاڪ – يو اي اي لاڳاپا هڪ قابل اعتماد اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ اچي چڪا آهن جيڪا سياسي، معاشي ۽ سماجي رخن تي ٻڌل آهي. هن چيو ته يو اي اي پاڪستان جو هڪ اهم ترين معاشي حصيدار ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ وڏو ملڪ آهي. صدر چيو ته تازو ??ي سامونڊي، لاجسٽڪس ۽ هوابازي جهڙن شعبن ۾ ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحون يو اي اي جي پاڪستان جي معاشي صلاحيت تي پختي حم??يت ۽ اعتماد جي عڪاسي ڪن ٿيون. هن اميد ظاهر ڪئي ته ٻطرفو تعاون ??ڌي?? مضبوط ٿيندو. تاريخي لاڳاپن کي ا??اگ?? ڪندي صدر چيو ته پاڪستان اهو پهريون ملڪ هو جنهن يو اي اي قائم ٿيڻ کان اڳ ئي ان سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. هن پاڪستان جي مشڪل وقتن ۾ يو اي اي جي مسلسل حم??يت تي ٿورا مڃيا. صدر يو اي اي ۾ رهندڙ 18 لک پاڪستانين جي ڪردار کي پڻ ساراهيو جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اهي عوامي لاڳاپا اسان جي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل اعتماد ۽ خيرسگالي جو اعليٰ مثال آهي. صدر يو اي اي جي صدر شيخ محمد بن زايد ا??نه??ان، نائب صدر ۽ وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ عوام کي يو اي اي جي قومي ڏينهن تي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏني.
صدر آصف علي زرداري پاران پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ لاڳاپن کي ”مذهب، اعتماد ۽ گڏيل احترام“ تي ٻڌل هڪ مضبوط رشتو قرار
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب