اسلام آباد– 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو، هو قاهره ۾ منعقد ٿيندڙ اسرندڙ 8 ملڪن (ڊي ايٽ) جي 11هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجم??ن پاران جاري بيان موجب سربراهه اجلاس کان اڳ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 18 ڊسمبر ??ي ڊي ايٽ جي وزيرن واري ڪائونسل جي 21هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. بيان موجب 11هين ڊي ايٽ سمٽ جي ٿيم ”نوجوانن ۾ سيڙ??ڪا??ي ۽ ايس ايم ايز کي سپورٽ ڪرڻ: سڀاڻي جي معيشت جي جوڙجڪ“ آهي. سربراهه اجلاس ۾ وزيراعظم هڪ مضبوط ۽ جامع معيشت جي تعمير جي لاءِ نوجوانن ۽ ايس ايم ايز ۾ سيڙ??ڪا??ي جي اهميت، نوڪريون پيدا ڪرڻ، جدت کي اڳتي وڌائڻ ۽ مقامي انٽر پرينيورشپ کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏ??ند??. هو ڊي ايٽ جي نظرين جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو اظهار، گڏيل فائدي ۽ خوشحالي جي لاءِ حصيداري کي فروغ ڏيڻ سميت زراعت، خوراڪ جي حفاظت ۽ سياحت ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي پڻ زور ڏ??ند??. وزيراعظم نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ ۽ مالياتي ترقي جي لاءِ پاڪستان جي ترغيبن تي پڻ روشني وجهندو. هو وچ اوڀر ۾ اسرائيلي جارحيت جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور فڪر جي لاءِ غزه ۽ لبنان ۾ انساني بحران ۽ نئين سر تعمير جي چئلينجز ??ي ڊي ايٽ جي خصوصي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. وزيراعظم فلسطين جي صورتحال تي پاڪستان جي اصولي موقف کي اجاگر ڪندو ۽ وچ اوڀر ۾ امن قائم ڪرڻ تي زور ڏ??ند??. سربراهه اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون متوقع آهن.
وزيراعظم 18 کان 20 ڊسمبر تائين مصر جو سرڪاري دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز