اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) قومي فضائي ڪمپني (پي آءِ اي) ڪراچي کان تربت لاءِ اُڏامون 16 ڊسمبر کان بحال ڪر?? جو فيصلو ڪيو آهي. پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز جي ترجمان موجب پي آءِ اي نيٽ ورڪ بحالي طرف گامزن آهي ۽ تربت جون اُڏامون ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ قدم مڪمل ڪيا ويا آهن. هن ٻُڌايو ته قومي ايئر لائن ڪراچي کان تربت لاءِ اُڏامون 16 ڊسمبر کان شيڊ??ل ۾ شامل ڪري ڇڏيون آهن، پي آءِ اي هفتيوار ٻه اُڏامون سومر ۽ اربع جي ڏينهن آپريٽ ڪندي. پي آءِ اي تربت ۽ گوادر آپريشن کي نئين سر ??قو??ت ڏني پئي وڃي. ترجمان چيو ته پي آءِ جي تربت لاءِ اُڏامون جي شروعات سان ملڪي معيشت لاءِ انتهائي اهم آهي، جنهن سان سي پيڪ جي رٿائن کي ??قو??ت ملندي.
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا