اسلام آباد-17 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف، مير عطاالله لانگو کي بلوچستان هاءِ ??ور?? بار ايسوسيئيشن جو صدر چونڊجڻ ۽ ٻين نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون ڏنيون آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ مان جاري ڪيل بيان مطابق وزيراعظم چيو ته بلوچستان هاءِ ??ور?? بار ايسوسيئيشن جي چونڊن ۾ ڪاميابي وڪيل برادري جي فلاح ۽ بهبود جو سبب بڻجندي. وزيراعظم بار ايسوسيئيشن جي آئين جي پاسداري، قانون جي حڪمراني کي هٿي ڏيڻ ۽ بلوچستان جي وڪيلن جي مفادن جي تحفظ جي عزم کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته هو پراميد آهي ته نئين چونڊيل ٽيم قانوني پيشي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ اڻٿڪ محنت ڪند?? ۽ ??لڪ ۾ انصاف ۽ جمهوريت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لاٹری